راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد پوليس راولپنڊي مان گرفتار پي ٽي آءِ جي 59 سرگرم ڪارڪنن جي گرفتاري گهري ورتي. راولپنڊي ۾ 29 ڪيسن ۾ گرفتار ڪارڪن اسلام آباد جي 8 ٿاڻن ۾ به نامزد آهن، جنهن لاءِ اسلام آباد جي 8 ٿاڻن جي پوليس سندن گرفتاري لاءِ عدالت پهچي وئي. پوليس طرفان راولپنڊي جي دهشتگردي جي انت واري خاص عدالت ۾ حوالگي ۽ گرفتاري جون درخواستون ڏنيون ويون آهن. عدالت ڪارڪنن جي حوالگي جي درخواست تي ٻڌڻي مڪمل ڪري فيصلو محفوظ ڪري ورتو.
