راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ملتان سلطان ۽ اسلام آباد يونائٽڊ وچ ۾ ميچ بارش جي نظر ٿي وئي. ڊي ايل ايس فارمولي تي جيمز ونس جي جارحاڻي بيٽنگ سبب اسلام آباد کي 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. اسلام آباد جي 7 وڪيٽن تي 91 رنز بارش سبب ٽاس ۾ دير ٿي ۽ ميچ کي 9 رنز تائين محدود ڪيو ويو. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ۽ پي سي بي چيئرمين احسان ماني به ميچ ڏسڻ پهتا. اسلام آباد اڳ ۾ بيٽنگ ڪندي 9 اوورز ۾ 7 وڪيٽن تي 91 رنز ٺاهيون. ملتان پاران ذيشان اشرف ۽ جيمز ونس اننگ شروع ڪئي، ذيشان اشرف 3 چوڪن جي مدد سان 12 بالن تي 16 رنز ٺاهي شاداب جي بال تي بالر هٿان ڪيچ ٿيو. جيمز ونس شاندار جارحاڻي اننگ کيڏي هڪ ڇڪي ۽ 11 چوڪن جي مدد سان 24 بالن تي 61 رنز اسڪور ڪري ناٽ آئوٽ رهيو.
جڏهن ته معين علي 5 بالن تي 3 چوڪا هڻي 14 رنز تي ناٽ آئوٽ رهيو.ان کان اڳاسلام آباد جي ليوڪ رونڪي ۽ منرو اننگ شروع ڪئي ۽ هڪ ڇڪي ۽ ٻن چوڪن جي مدد سان 10 بالن تي 18 رنز ٺاهيون ۽ هڪ تڪراري ڪيچ جي بنياد تي آئوٽ ٿي ويو. ڪولن منرو 3 ڇڪن ۽ هڪ چوڪي جي مدد سان 12 بالن تي 25 رنز ٺاهي عمران طاهر جي بال تي سهيل تنوير هٿان ڪيچ ٿيو.
شاداب خان 14 رنز ٺاهي عمران طاهر جي بال تي معين علي هٿان ڪيچ ٿيو، ڪولن انگرام 6 رنز ٺاهي معين علي جي بال تي جيمز ونس هٿان ڪيچ ٿيو، آصف علي 4 رنز ٺاهي جنيد خان پنهنجي بال تي ڪيچ ڪيس. رضوان کي شان مسعود ۽ عماد بٽ کي جيمز ونس رن آئوٽ ڪيو.