اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان سعودي عرب جي نائب گهرو وزير ڊاڪٽر ناصر بن عبدالعزيزالداود جي ملاقات ٿي جنهن ۾ اسلام آباد ۽ رياض کي جاڙا شهر قرار ڏيڻ جي تجويز ڏني وئي.سعودي عرب جو سفير نواف بن سعيد احمدالمالڪي به انهي موقعي تي موجود هو. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ پاڪ سعودي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون. جڏهن ته پيرا ملٽري فورسز ۽ پوليس جي گڏيل تعاون ۽ گڏيل ٽريننگ جي معاملن تي به ڳالهيون ٿيون.گهرو وزير جي اسلام آباد ۽ رياض کي جاڙا شهر قرار ڏيڻ جي تجويز تي سعودي وزير اتفاق ڪيو. ملاقات ۾ فيصلو ڪيو ويو ته انهي حوالي سان وڌيڪ ضروري قدم کنيا ويندا. ملاقات ۾ پاڪستان مان فقيرن کي سعودي عرب اماڻيندڙ مافيا جي نگراني ۽ قيدين جي ڏي وٺ جي معاهدي تي عمل ڪرڻ تي اتفاق ٿيو. سعودي عرب مان 419 پاڪستاني قيدين جي ملڪ واپسي جي لاءِ قانوني ڪارروائي جلد مڪمل ڪئي ويندي.محسن نقوي چيو ته سعودي عرب اسان جو پاڙيسري ملڪ آهي ٻطرفي تعاون کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ هر ممڪن تعاون ڪنداسين. سعودي شهرين جي لاءِ پاڪستان اچڻ تي ڪابه ويزا نه آهي جڏهن چاهين اچي سگهن ٿا.گهرو وزير چيو ته 4300 فقيرن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪيا ويا آهن. سعودي عرب ويندڙ فقيرن جي خلاف زيرو ٽالرنس پاليسي تي عمل ڪيو ويو آهي ۽ اهڙن فقيرن جي پوئيواري ڪندڙ مافيا جي خلاف سڄي ملڪ ۾ موثر ڪريڪ ڊائون ڪيو پيو وڃي.سعودي عرب جي ولي عهد محمد بن سلمان جي وزن 2030 جي تعريف ڪندي وفاقي گهرو وزير چيو ته موجوده قيادت ۾ سعودي عرب 2023 تائين معاشي، سماجي ۽ اقتصادي شعبن ۾ سڄي دنيا ۾ نمايان مقام حاصل ڪندو. سعودي عرب جي نائب گهرو وزير چيو آهي ته پاڪستان سان انتهائي ويجها لاڳاپا آهن جنهن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ چاهيون ٿا، پيرا ملٽري فورسز ۽ پوليس جي گڏيل تعاون ۽ گڏيل ٽريننگ جي لاءِ تيار آهيون. ملاقات ۾ ايڊيشنل گهرو سيڪريٽري، اسپيشل گهرو سيڪريٽري، ڪمانڊنٽ فرنٽيئر ڪانسٽيبلري، چيف ڪمشنر اسلام آباد، آءِ جي اسلام آباد پوليس ۽ ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد به انهي موقعي تي موجود هئا.
سارين جي امدادي اگهه ۾ اضافي جو مطالبو
سنڌيار سکر 21 نومبر 2024ع
سنڌيار ڪراچي 21 نومبر 2024ع
راولپنڊي پوليس عمران خان جي نئين ڪيس ۾ گرفتاري ڄاڻائي ڇڏي
عزه ۾ جنگبندي جو ٺهراءُ چوٿون ڀيرو آمريڪا ويٽو ڪري ڇڏيو
چوپائي مال ۽ ماهيگيرن لاءِ انقلابي منصوبن تي ڪم ڪنداسين: ملڪاڻي
وفاقي حڪومت سان اختلافن جي نبيري لاءِ پي پي پاران ڪميٽي قائم
عوام کي پيئڻ جو صاف پاڻي ۽ سستي بجلي فراهم ڪرڻ ترجيح آهي
توشه خانه ٽو ڪيس ۾ عمران خان جي ضمانت منظور
سنڌ پوليس لاءِ جديد هٿيار خريد ڪرڻ جو آرڊر ڏنو آهي: لنجار
ڪئنال اڏڻ واري منصوبي خلاف ايس ٽي پي سڪرنڊ باءِ پاس تي ڌرڻو
بنون چوڪي تي حملو، 12 جوان شهيد، 9 خارجي دهشتگرد مارجي ويا
سلام آهي سنڌ جي ماڻهن کي جن سرڪار کي ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ کان روڪيو
مڇي مارڻ لاءِ ماحول دوست ۽ جديد طريقا اختيار ڪريو، شاهه
پيپلز پارٽي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي سربراهي گهري ورتي
اسلام آباد ۽ رياض کي جاڙا شهر قرار ڏيڻ جي تجويز، سعودي جو اتفاق
ناڪاره جهاز جي ڪراچي کان حيدرآباد منتقلي
بخشاپور ۾ اڻڄاتل هٿياربندن هٿان ڦر دوران مزاحمت تي ڳوٺاڻو قتل
ٿرڙي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو، هڪ زخمي
سڳين ۾ منشيات جو وڪرو عام، نوجوان منشيات واپرائڻ سبب فوت