اسلام آباد ۾ عالمي معيار جو قائداعظم هيلٿ ٽاور ٺاهڻ جو اعلان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف اسلام آباد ۾ عالمي معيار جو قائداعظم هيلٿ ٽاور تعمير ڪرڻ جو اعلان ڪيو.شهباز شريف جي صدارت هيٺ قومي صحت واري وزارت جي معاملن بابت جائزو ورتو ويو.شهباز شريف پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت هيلٿ ٽاور جي تعمير بابت فوري ايڪشن پلان تيار ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته جديد ليبارٽريون ۽ بيمارين جي تشخيص جا مرڪز پڻ قائم ڪيا وڃن.اجلاس ۾ قومي صحت واري وزارت جي ڪارڪردگي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته نيشنل بلڊ ٽرانسفيوشن اينڊ بلڊ پراڊڪٽس پاليسي جلد اچي رهي آهي، نرسنگ ۽ مڊ وائفري بابت نيشنل پاليسي فريم ورڪ تي ڪم آخري مرحلي ۾ آهي، ڪجهه ڪاليجن ۾ شام جو ڪلاس شروع ڪيا ويا آهن ته جيئن نرسنگ گريجوئيٽ جو تعداد وڌايو وڃي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پاپوليشن ڪنٽرول بابت نظرثاني ٿيل نيشنل ايڪشن پلان تي ڪم شروع ڪيو ويو آهي، اسلام آباد جي اسپتالن لاءِ 711 ملين رپين جو طبي سامان ۽ ايمبولينسون خريد ڪيون ويون آهن.وزيراعظم طبي سامان ۽ ايمبولينس جي خريداري جو ٿرڊ پارٽي آڊٽ ڪرائڻ جي هدايت ڪئي.اجلاس ۾ بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته اسلام آباد جي اسپتالن ۾ جديد اسپتال مينيجمينٽ سسٽم لڳايو ويندو، ملڪ ۾ انسولين جي پيداوار لاءِ حڪمت عملي تيار ڪئي پئي وڃي.ملڪ ۾ مختلف ويڪسين جي پيداوار کي وڌايو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو