اسلام آباد ۾ ميٽروبس سروس جزوي طور تي معطل

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ ميٽروبس سروس اڃا تائين جزوي طور بند آهي.اختيارين موجب راولپنڊي جي صدر اسٽيشن کان فيض آباد تائين ميٽروبس سروس بحال ڪئي وئي آهي، جڏهن ته فيض آباد کان پاڪ سيڪريٽريٽ تائين ميٽروبس سروس مڪمل طور بند آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ضلعي انتظاميا جي هدايتن تي ميٽرو بس سروس بند ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو