عالمي منڊي ۾ پيٽرول جي قيمت گهٽجڻ باوجود عوام کي رليف نه ڏيڻ ظلم آهي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو آهي ته اسلام ۽ نظريه پاڪستان ئي ملڪي ترقي ۽ سلامتي جو ضامن آهي، ديني مدارس اسلام جو قلعو آهن جن جي حفاظت ۽ مالي مدد ڪرڻ هر پاڪستاني تي فرض آهي. عالمي منڊي ۾ پيٽرول جي قيمتن ۾ گهٽتائي باوجود عوام کي رليف نه ڏيڻ سراسر ظلم آهي. علماءِ ڪرام منبر ۽ محراب جي پليٽ فارم تان نيڪي جي فروغ، بدي جي خاتمي ۽ دهشتگردي ۽ تڪراري ڪينالن خلاف پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن. جماعت اسلامي ملڪ ۾ قرآن ۽ سنت جي نفاذ لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي. دين کان دوري ۽ الله ۽ ان جي رسول سان بغاوت تي ٻڌل نظام ۽ حڪمرانن جي غلط پاليسين جي سبب اڄ وطن عزيز غربت، افلاس، مهنگائي، بدامني ۽ دهشتگردي جو شڪار آهي، نجات جو هڪ ئي حل اسلامي نظام جو قيام آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن قباء آڊيٽوريم ۾ سڄي سنڌ جي علماءِ ڪرام ۽ مدارس جي سفرا جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي نائب امير حافظ نصرالله چنا، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري علامه حزب الله جکھرو، مولانا آفتاب احمد ملڪ پڻ خطاب ڪيو. ڪاشف سعيد شيخ وڌيڪ چيو ته اسلامي جمهوريه پاڪستان جنهن مقصد ۽ نظريي لاءِ حاصل ڪيو ويو هو، اهو مقصد اڃا تائين حاصل نه ٿي سگهيو آهي. اهو مقصد ۽ نظريو جيڪو خير ئي خير آهي، جنهن ۾ امن و سلامتي آهي، جنهن ۾ ترقي و ڪامراني آهي، جنهن کي اسان اڄ تائين عملي طور نافذ نه ڪري سگهيا آهيون. اهو هدف ۽ نظريو دين اسلام آهي. اسلام جي نفاذ لاءِ هڪ ڀرپور تحريڪ ساڳئي طريقي سان شروع ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيئن هن ملڪ کي ٺاهڻ وقت شروع ڪئي وئي هئي. تڏهن ئي هن ملڪ ۾ اسلامي نظامِ حڪومت قائم ٿي سگهي ٿو. ڪجهه ضمير فروش ماڻهن جي اقتدار، حڪومت ۽ رياست تي قابض ٿيڻ جي ڪري، اڄ ملڪ جو بچو بچو ساڍا ٽي لک رپين جو مقروض آهي جڏهن ته حاڪم قرض جي دولت سان پنهنجي عياشين ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ جائيدادون ٺاهڻ ۾ مصروف آهن. ڪرپشن و ڪميشن جي نظام خوشحال سنڌ کي بدحال ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ مسلسل ڪرپشن، مهانگائي، لا قانونيت، بدامني سميت بيشمار مسئلن جو شڪار آهي. جماعت اسلامي اصلاح معاشره سان گڏ بدبودار ۽ مُدي خارج نظام ۽ قيادت جي تبديليءَ لاءِ جاکوڙي رهي آهي، جنهن لاءِ علماء منبر و محراب تان پنهنجو ڪردار ادا ڪن. ڪاشف سعيد شيخ وڌيڪ چيو ته موجوده جعلي حڪومت پنهنجي دعوائن جي برعڪس رمضان المبارڪ جي مبارڪ مهيني ۾ پڻ قيام امن ۽ روز مره جي شين جي سرڪاري اگهن تي عملدرآمد ڪرائڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ثابت ٿي آهي. ذخيره اندوزي، مهانگائي ۽ ناجائز منافع خورن کي کُلي ڇوٽ ڏني وئي آهي. عالمي منڊي ۾ پيٽرول ۽ ڊالر جي اگهن ۾ گهٽتائي باوجود ان جوفائدو عوام کي ڏيڻ بدران، ليوي جي نالي ۾ جگا ٽيڪس في ليٽر تي وڌيڪ 10 رپين جو اضافو ڪري عوام جو جيئڻ حرام ڪيو ويو آهي. “سسٽم” جا لاڏلا آفيسر ۽ انتظاميا ڪرپشن جي بازار گرم ڪري عوام جو رت چوسڻ ۽ سنڌ جي وسيلن کي بيرحمي سان لٽڻ ۾ مصروف آهن. اهڙي ظالماڻي نظام کان نجات لاءِ عوام کي بيداري جو ثبوت ڏيڻ جي ضرورت آهي. پپلز پارٽي ۽ نواز ليگ اڌ صدي کان هن ملڪ ۾ حڪمراني ڪرڻ جي باوجود عوام کي مهانگائي، بي روزگاري، بدامني، ڦُرلُٽ ۽ محرومين کانسواءِ ڪجهه به ناهي ڏنو.#

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو