اسمگلنگ جو شڪار 400 ڇوڪرين کي بازياب ڪرايو،سنيل

ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ اداڪار سنيل شيٽي انساني اسمگلنگ جو شڪار ٿيندڙ ڇوڪرين کي بچائڻ جو انڪشاف ڪيو آهي.ڀارتي ميڊيا موجب هڪ انٽرويو ۾ اداڪار سنيل شيٽي انساني اسمگلنگ آپريشن بابت ڳالهائيندي چيو ته هن 400 ڇوڪرين کي بازياب ڪرايو آهي.اداڪار چيو ته هو ۽ سندس ساس ڀارت ۾ هڪ اين جي او هلائيندا هئا جنهن کي ٽريفڪنگ چيو ويندو هو، جيڪو بعد ۾ وپلا فائونڊيشن ۾ تبديل ٿي ويو.سنيل شيٽي چيو ته هن ڪڏهن به ان بابت نه ڳالهايو ڇو ته اهو نقصانڪار ٿي سگهي ٿو ۽ اهي سڀ شيون وڏي وزير ۽ پوءِ پوليس ڪمشنر کان سواءِ اعليٰ خفيه ٽيم سان ٿيون.اداڪاره وڌيڪ چيو ته ان جو مقصد اهو ٻڌائڻ آهي ته مان هيرو ناهيان، پيغام ڏيندڙ آهيان ۽ ان کان پوءِ ڪيترن ئي ماڻهن منهنجي مدد ڪئي پر اصل هيرو منهنجي ساس آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو