اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان ۾ اسپيس ايڪس ۽ ٽيسلا جي باني ۽ آمريڪي صدارتي صلاحڪار ايلون مسڪ جي اسٽار لنڪ انٽرنيٽ سروس جي آپريشنز ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي.وزيراعظم جي هدايتن تي، پاڪستان اسپيس ايڪٽيويٽي ريگيوليٽري بورڊ اسٽار لنڪ کي اين او سي جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.پاڪستان ٽيليڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) پاران اسٽار لنڪ کي لائسنس جاري ڪرڻ جو رستو هموار ٿي ويو آهي.ذريعن موجب، پي ٽي اي کي لائسنس جاري ڪرڻ ۾ وڌ ۾ وڌ 4 هفتا لڳي سگهن ٿا. پي ٽي اي اسٽار لنڪ کي رجسٽريشن سرٽيفڪيٽ جاري ڪندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته اسٽار لنڪ کي لائسنس حاصل ڪرڻ کان پوءِ پاڪستان ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ هڪ سال جي ضرورت پوندي. سيٽلائيٽ سروس فراهم ڪندڙ لاءِ خلائي سرگرمي ريگيوليٽري بورڊ کان ڪليئرنس لازمي شرط هئي.
