اسلام آباد (بيورو رپورٽ) آءِ ايم ايف پاڪستان جي حوالي سان هڪ بيان جاري ڪيو آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته 7 ارب ڊالر جي قرض پروگرام جو جائزو وٺڻ لاءِ پاڪستان سان ڳالهيون ڪيون ويون، ۽ پاڪستان موجوده قرض پروگرام تي سختي سان عمل ڪيو.آءِ ايم ايف چيو ته پاڪستان سان موسمياتي فنانسنگ ۽ قرض جي ادائيگي جي انتظام تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.بيان موجب، پاڪستان سان خرچ گهٽائڻ ۽ توانائي جي شعبي کي بهتر بڻائڻ، عوامي صحت کي بهتر بڻائڻ، تعليم کي فروغ ڏيڻ، سماجي تحفظ ۽ معاشي ترقي جي شرح وڌائڻ تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.بين الاقوامي مالياتي فنڊ جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان سان موسمياتي تبديلي جي اثرات کي گهٽائڻ تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي ۽ وڌيڪ ڳالهه ٻولهه آن لائن جاري رهندي.آءِ ايم ايف چيو آهي ته پاڪستان سان ڳالهيون مثبت رهيون آهن، پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف اسٽاف ليول معاهدي جي طرف اهم اڳڀرائي ڪئي آهي، ۽ پاڪستان قرض پروگرام جي شرطن تي سختي سان عمل ڪيو آهي.آءِ ايم ايف چيو آهي ته پاڪستان سرڪاري قرض گهٽائڻ لاءِ سخت معاشي قدم کنيا آهن ۽ افراط زر گهٽائڻ لاءِ سخت مالي پاليسي اختيار ڪئي وئي آهي. بجلي جي پيداوار جي قيمت گهٽائڻ لاءِ به سڌارا ڪيا ويا آهن. بين الاقوامي مالياتي فنڊ جو چوڻ آهي ته معاشي ترقي کي وڌائڻ لاءِ سڌارن جي ايجنڊا تي عمل ڪيو ويو آهي، موسمياتي سڌارن جي ايجنڊا تي ڳالهيون ٿيون آهن، ۽ پاڪستان کي موسمياتي تبديلي سان منهن ڏيڻ لاءِ فنڊ فراهم ڪرڻ جو امڪان آهي. پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف ڳالهين کي آخري شڪل ڏيڻ لاءِ ورچوئل ڳالهيون جاري رکندا.
