اسٽاڪ ايڪسچينج، پهرين سيشن ۾ مثبت رجحان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ پهرين ڪاروباري سيشن ۾ مثبت رجحان ڏٺو ويو.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو 100 انڊيڪس پهرين سيشن ۾ 442 پوائنٽن جي واڌ سان 78 هزار 792 تي بند ٿيو.پهرين سيشن ۾ 37 ڪروڙ شيئرز جا سودا 10.95 ارب رپين ۾ طئي ٿيا.ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي انڊيڪس 78 هزار 792 پوائنٽس تي بند ٿيو. ٻئي طرف انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي مٽا سٽا جي شرح گذريل ڏينهن جي قيمت تي برقرار آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جي مٽا سٽا جي شرح 278 رپيا 64 پئسا تي برقرار رهي.ڪالهه واپار جي بند ٿيڻ تي هي ڊالر جي شرح هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو