اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي، ڊالر جي ڀيٽ ۾ رپيو مستحڪم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزيءَ جو رجحان، 100 انڊيڪس 1500 پوائنٽس کان مٿي ٿي ويو پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس ۾ واپاري سيشن دوران تيزيءَ جو رجحان ڏٺو ويو.اڄ ڪاروباري ڏينهن جي شروعات کان وٺي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ مثبت رجحان ڏٺو پيو وڃي ۽ هڪ موقعي تي 100 انڊيڪس 1539 پوائنٽس جي واڌ سان 82 هزار جي سطح تي ڏٺو ويو.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪالهه به مثبت ڪاروباري رجحان ڏٺو ويو ۽ انڊيڪس 970 پوائنٽن جي واڌ سان 80 هزار 461 تي بند ٿيو.ٻئي طرف انٽر بئنڪ ۾ پاڪستاني رپئي جي مقابلي ۾ آمريڪي ڊالر جي قدر ۾ گهٽتائي ٿي آهي ۽ ڊالر 24 پئسا سستو ٿي 277 رپيا 80 پئسا ٿي ويو آهي.ڪالهه انٽر بئنڪ ۾ آمريڪي ڊالر 278 رپيا 4 پئسا تي بند ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو