اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ سڄي هفتي ۾ مخلوط رجحان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي هفتيوار اپڊيٽ جاري آهي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ گذريل ڪاروباري هفتي ۾ مخلوط رجحان رهيو، 100 انڊيڪس 233 پوائنٽن جي گهٽتائي سان 85,250 تي بند ٿيو.ڪاروباري هفتي دوران 100 انڊيڪس 1664 پوائنٽس جي بينڊ ۾ رهيو.انڊيڪس ڪاروباري هفتي ۾ 86 هزار 520 جي نئين بلند ترين سطح ٺاهي وئي جڏهن ته هيٺين سطح 84 هزار 856 هئي.اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ هفتي دوران 2.21 ارب شيئرز جو واپار ٿيو.شيئر مارڪيٽ جي هفتيوار ڪاروبار جي ماليت 112 ارب رپيا رهي، جڏهن ته مارڪيٽ سرمائيداري 20 ارب جي واڌ سان 11177 ارب رپيا ٿي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو