اسٽيبلشمينٽ سان ڊيل جي ڪوشش سواتي جي پنهنجي آهي،راجه

لاهور)بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا پي ٽي آءِ اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهين بابت اٿاريل سوالن جي وضاحت ڪئي.ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ جي مرڪزي اڳواڻ سلمان اڪرم راجا چيو ته اعظم سواتي جي اسٽيبلشمينٽ سان ڊيل ڪرڻ جي ڪوشش سندس پنهنجي آهي، پي ٽي آءِ جو ان سان ڪو به تعلق ناهي، جيڪڏهن سواتي صاحب (اعظم سواتي) اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهين ۾ ڪو اهڙو رستو اختيار ڪن ٿا ته اهو اصولن تي ٻڌل هجڻ گهرجي. سلمان اڪرم راجا چيو ته اسٽيبلشمينٽ سان ڊيل بابت پارٽي جي حيثيت سان اهڙي ڪا به ڳالهه نه ٿي رهي آهي، اسان پنهنجي طور تي هڪ رستو ڳولينداسين جيڪو اصولن تي ٻڌل هوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو