اسٽيٽ بئنڪ ۾ اعليٰ ڀرتين لاءِ ٻٽي شهريت جي شرط ختم ڪرڻ جي مخالفت

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وفاقي ڪابينا اسٽيٽ بئنڪ ۾ سينيئر ڀرتين لاءِ ٻٽي شهريت جي شرط ختم ڪرڻ واري معاملي تي 7 رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي.ذريعن موجب ناڻي واري وزارت وفاقي ڪابينا کي سفارش ڪئي آهي ته اسٽيٽ بينڪ ايڪٽ 1956ع ۾ ترميم ڪري ڊجيٽل ڪرنسي جاري ڪرڻ ۽ اسٽيٽ بينڪ آفيسرن کي ٻٽي شهريت کان ڇوٽ ڏني وڃي.ذريعن جو چوڻ آهي ته بورڊ، مانيٽري پاليسي ڪميٽي ۽ ڊپٽي گورنر جي مقرري ۾ نرمي جي سفارش ڪئي آهي.ڪابينا ميمبرن ڊپٽي گورنرن ۽ آفيسرن لاءِ ٻٽي شهريت جي شرط ختم ڪرڻ جي مخالفت ڪئي.ذريعن موجب ڪابينا ميمبرن جي راءِ آهي ته ٻٽي شهريت رکندڙ شخص کي اسٽيٽ بئنڪ ۽ ٻين ادارن ۾ مقرر نه ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو