اسپن جو بي تاج بادشاهه، بشن بيدي لاڏاڻو ڪري ويو

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان ۽ اسپن جو بادشاهه بالر بشن سنگهه بيدي 77 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو. ڀارت جي راندين واري وزير ۽ ڪرڪيٽ بورڊ پاران سندس لاڏاڻي تي ڏک ظاهر ڪندي چيو ويو آهي ته اهو اسپورٽس جو وڏو نقصان آهي. 1967 کان 1979 تائين هن 67 ٽيسٽ ميچز ۾ 266 وڪيٽون ورتيون ۽ پنهنجي دور ۾ رڪارڊ قائم ڪيو. ليفٽ آرم اسپنر ڀارت لاءِ 10 ون ڊي ميچز به کيڏيون.

هن ٻه شاديو ڪيون ۽ هر گهرواري مان هڪ هڪ پٽ ۽ هڪ هڪ ڌيءَ آهي. سندس ننڍو پٽ 2002 ۾ مس انڊيا جو ٽائيٽل حاصل ڪندڙ نيها ڊوپيا، جيڪا بالي ووڊ جي مشهور ادا ڪارا به آهي ان سان پرڻيل آهي. هو صاف دل ۽ انتهائي ايماندار شخص هو. ڪرڪيٽ بورڊ هجي يا رانديگر مٿن کليل تنقيد ڪندو هو. هڪ ميچ ۾ امپائر بيٽسمين کي آئوٽ ڏنو پر هن چيو ته آئوٽ ناهي. سندس ٽيم وارن رانديگرن چيو ته اوهانکي وڪيٽ ملي آهي، هن چيو ته نه اها بي ايماني آهي، اهڙي ڪرڪيٽ کيڏڻي اٿو ته گهر وڃو.

پهنجو تبصرو موڪليو