اسپورٽس اسٽيڊيم ۾ ٽن ڏينهن جو ثقافتي ميلو

ڪنڌ ڪوٽ (ن سنڌيار)ڪشمور ضلعي اندر ڊپٽي ڪمشنر منور علي مٺياڻي ايس ايس پي امجد شيخ ، ڪرنل جاويد اصغر سنڌ رينجرس سنڌي ادبي سنگت ڪنڌڪوٽ ، ڪشمور آرٽ ڪانونسل ۽ باشعور شهرين  پاران  26 ، 27 ۽ 28 فيبروري مني اسپورٽس اسٽيڊيم ۾  علمي ، ادبي ،ثقافتي ميلو ، راڳ رهاڻ ۽ گلن جي نمائش جي پروگرام جي تياري حوالي سان هڪ اهم اجلاس ڪوٺايو ويو  جنهن ۾ ضلعي جي وفاقي توڙي صوبائي کاتن جي عملدارن ، ضلعي سان واسطو رکندڙ اينجيوز ۽ ٻين شرڪت ڪئي ۔ ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر منور علي مٺياڻي چيو ته ڪنڌڪوٽ ضلعي جي عوام کي تفريحي فراهم ڪرڻ لاء علمي ، ادبي ،ثقافتي ميلو ، راڳ رهاڻ ۽ گلن جي نمائش فيسٽيول منعقد ڪيو ويندو۔ هن چيو ته سمورن کاتن جي سربراهن کي هن فيسٽيول ۾ حصو وٺڻ گهرجي ۽ فيسٽيول منعقد ڪرڻ لاء مڪمل سهڪار ڪيو وڃي ان موقعي تي آرگنائيزر ڪميٽي  جي ميمبر  چيو ته  هن فيسٽيول ۾  آرٽ ڪانونسل جي تقريب  سگهڙن جون ڪچهريون  ادبي ڪانفرنس ،ميوزڪ پروگرام ، مشاعرو ، ڊراما ،گهوڙن جي ڊوڙ ، ڏاندن جي ڊوڙ ، ملاکڙو ،  راڳ رنگ جون محفلون، ڪراٽي ۽ جم جا پروگرام پڻ  منعقد ڪيا ويندا هن  ۔ ان موقعي تي  ڊپٽي ڪمشنر منور علي مٺياڻي چيو ته هر کاتو پنهنجو پنهنجو اسٽال لڳائين ۽ بهترين اسٽال لڳائڻ تي انعام پڻ ڏنو ويندو هن فيسٽيول ۾ ٻيو ڏينهن  عورتن  لاء مخصوص ڪيو ويو آهي ۔ سنڌ حڪومت پاران جاري ڪيل ايس او پيز تي پڻ سختي سان عمل ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو