اسپيشل اولمپڪس ونٽر گيمز: پاڪستاني دستو اٽلي پهچي ويو

لاهور (ويب ڊيسڪ)اسپيشل اولمپڪس ورلڊ ونٽر گيمز لاءِ پاڪستاني دستو اٽلي پهچي ويو.اسپيشل اولمپڪس ورلڊ ونٽر گيمز 8 مارچ کان 16 مارچ تائين اٽلي جي شهر ٽورين ۾ منعقد ٿي رهيون آهن.25 ميمبرن تي مشتمل اسپيشل اولمپڪس پاڪستان جو دستو 8 مارچ کان اٽلي جي شهر تورين ۾ شروع ٿيندڙ اسپيشل اولمپڪس ورلڊ ونٽر گيمز ۾ حصو وٺندو.16 مارچ تائين هلندڙ راندين لاءِ قومي دستي ۾ رانديگر، ڪوچ، آفيسر، طبي عملو ۽ نوجوان گلوبل ليڊر شامل آهن.پاڪستاني رانديگر سنو شوئنگ ۽ ڪراس ڪنٽري اسڪائينگ مقابلن ۾ حصو وٺندا.راندين ۾ 93 کان وڌيڪ ملڪن جا 1,500 کان وڌيڪ مرد ۽ عورت رانديگر حصو وٺندا، جڏهن ته لڳ ڀڳ 2,000 رضاڪار انهن جي مدد ڪندا.

پهنجو تبصرو موڪليو