اسپيڪر خط،پارٽي پوزيشن تبديل، پي ٽي آءِ ميمبر سني اتحاد جو حصو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق پاران اليڪشن ڪميشن کي لکيل خط کانپوءِ قومي اسيمبلي ۾ پارٽي پوزيشن تبديل ٿي وئي،قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پارٽي جو نئون موقف جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن موجب پي ٽي آءِ جي 80 ميمبرن کي سني اتحاد ڪائونسل جو ميمبر قرار ڏنو ويو آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ مسلم ليگ ن، پيپلز پارٽي، جي يو آءِ کان کٽيل سيٽون پارٽي پوزيشن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، پارٽي جون نيون پوزيشنون 18 سيپٽمبر تي جاري ڪيون ويون آهن.اعلاميي موجب قومي اسيمبلي ۾ حڪومتي بينچن تي مسلم ليگ (ن) کي 110 ۽ پيپلز پارٽي وٽ 69 سيٽون آهن، جڏهن ته ايم ڪيو ايم پاڪستان کي 22، ق ليگ کي 5، اي پي پي ڪي کي 4، مسلم ليگ ن کي 4، بلوچستان ۾ مسلم ليگ ن کي 4 سيٽون مليون آهن. عوامي پارٽي ۽ نيشنل پارٽي جو هر هڪ ميمبر آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب حڪومتي بينچن تي 20 مخصوص سيٽن کانسواءِ 213 ميمبر آهن، جڏهن ته مخالف ڌر جي بينچن تي سني اتحاد ڪائونسل جا 80، جي يو آءِ جا 8، پي ٽي آءِ جي حمايت ۾ 8 آزاد ميمبر آهن، پي ڪي ميپ،بي اين پي مينگل ۽ ايم ڪيو ايم جو هڪ هڪ ميمبر آهي.مخالف ڌر جي بينچن تي ويٺل هڪ آزاد ميمبر ن ليگ ۾ شامل ٿي ويو آهي.سيڪريٽريٽ موجب مسلم ليگ (ن) کي 15، پيپلز پارٽي کي 5 ۽ جي يو آءِ کي 5 مخصوص سيٽون ڏنيون ويون آهن پر ڳڻپ ۾ قومي اسيمبلي جي ميمبرن جو انگ 23 کانسواءِ 313 آهي پي ٽي آءِ کي 23 سيٽون ڏنيون ويون، جن جو انگ 336 ٿي ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو