اسڪائيپ سروس بند ڪرڻ جو اعلان

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي ٽيڪنالاجي ڪمپني مائڪروسافٽ وڊيو ڪالنگ جي مشهور پليٽ فارم ’اسڪائيپ‘ کي بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. اسڪائيپ سپورٽ طرفان سوشل ميڊيا پليٽ فارم ’ايڪس‘ تي جاري بيان موجب، مئي 2025 کان اسڪائيپ سروس بند ڪئي ويندي، جڏهن ته واهپيدارن کي ’مائڪروسافٽ ٽيمز ‘ تي منتقل ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. مائڪروسافٽ جي بلاگ پوسٽ ۾ ڄاڻايو ويو ته اهو قدم جديد رابطي جي سهولتن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ کنيو ويو آهي. ڪمپني موجب، ٽيمز سروسز استعمال ڪندڙ واهپيدارن کي اهي سڀ فيچرز ملندا، جيڪي اسڪائيپ ۾ موجود هئا، جهڙوڪ ته وائس ۽ وڊيو ڪالنگ، گروپ چيٽ، فائيل شيئرنگ، ميٽنگز، ڪيلينڊر مينيجمينٽ ۽ ڪميونٽيز ٺاهڻ جهڙيون اضافي سهولتون پڻ دستياب هونديون. واضح رهي ته اسڪائيپ 2003 ۾ سويڊن جي نيڪلس زينسٽروم ۽ ڊينمارڪ جي يئنس فريس پاران ايسٽونيا ۾ قائم ڪيو ويو هو. هي پليٽ فارم انٽرنيٽ ذريعي مفت وائس ڪالز جي سهولت سان شهرت حاصل ڪرڻ بعد وڊيو ڪالز، ميسيجنگ ۽ گروپ ڪميونيڪيشن ۾ انقلاب آندو هو. 2005 ۾ ’اي-بي‘ ڪمپني 2.6 ارب ڊالرز ۾ اسڪائيپ کي خريد ڪيو، جڏهن ته 2011 ۾ مائڪروسافٽ 8.5 ارب ڊالرز ۾ ان جي مالڪ بڻجي وئي. گذريل ڪجهه سالن دوران خاص طور تي سمارٽ فونز جي مقبوليت کانپوءِ، اسڪائيپ جو مقابلو ’واٽس ايپ‘ ۽ ’زوم‘ جهڙن پليٽ فارمن سان سخت ٿي ويو، جنهن سبب ان جي استعمال ڪندڙن جو انگ گهٽجڻ لڳو. سال 2020 تائين اسڪائيپ جي استعمال ڪندڙن جو تعداد 2.3 ڪروڙ رهجي ويو، جڏهن ته مائڪروسافٽ ٽيمز جا هن وقت 32 ڪروڙ ماهوار سرگرم واهپيدار آهن. مائڪروسافٽ موجب، اسڪائيپ جديد ڪميونيڪيشن سسٽم جي واڌاري ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ ڪمپني ان سفر جو حصو بڻجڻ تي فخر محسوس ڪري ٿي. ڪمپني واضح ڪيو ته اسڪائيپ جي بندش سان ملازمن کي نيڪالي نه ڏني ويندي. واهپيدارن لاءِ منتقلي آسان بڻائڻ لاءِ اسڪائيپ جا موجوده رابطا ۽ چيٽس پاڻمرادو مائڪروسافٽ ٽيمز تي منتقل ٿي ويندا ۽ واهپيدار پنهنجي موجوده اڪائونٽ ذريعي ئي ٽيمز تي لاگ ان ڪري سگهندا.

پهنجو تبصرو موڪليو