اسڪردو ۾ لينڊ سلائيڊنگ، گاڏي ڪلٽي ٿيڻ سبب 5 ڄڻا فوت

اسڪردو (ويب ڊيسڪ)اسڪردو ۾ لينڊ سلائيڊنگ جي نتيجي ۾ گاڏي ڪلٽي ٿيڻ سبب 5 ڄڻا فوت ٿي ويا.پوليس موجب لينڊ سلائيڊنگ جو واقعو مالوپا ۾ پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ گاڏي ۾ سوار 5 ڄڻا فوت ٿي ويا.پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته ملبي مان لاش ڪڍڻ لاءِ امدادي ٽيمون روانيون ڪيون ويون آهن.پوليس موجب حادثي ۾ فوت ٿيندڙن جو تعلق ڳوٺ شينگوس سان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو