راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪِ انصاف( پي ٽي آءِ) جي باني عمران خان چيو آهي ته افغانستان اسان جو دشمن نه آهي، ان کي دشمن بڻائڻ جي ڪوشش نه ڪريو، بنا سبب مسلمان ڀائرن سان ڇو وڙهي رهيا آهيو.اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي، عمران خان جي ڀيڻ عليما خان ٻڌايو ته پي ٽي آءِ باني کي اخبار ۽ ٽي وي تائين رسائي حاصل نه آهي، جنهن سبب هن کي تازن واقعن بابت ڪائي ڄاڻ نه آهي عليما خان موجب، عمران خان قومي سلامتي ڪميٽي اجلاس بابت ٻڌائڻ تي چيو ته انڪري ئي سندس اخبار ۽ ٽي وي بند ڪئي وئي آهي.عمران خان جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ سندس اجازت کانسواءِ اي پي سي ۾ شرڪت نه ڪندي، پارٽي قيادت منهنجي اجازت سان ئي قومي سلامتي ڪميٽي ۾ شامل ٿيندي. هن وڌيڪ چيو ته 2021 تائين دهشتگردي گهٽجي وئي هئي، پر 2022 ۾ ٻيهر وڌڻ لڳي، افغانستان اسان جو دشمن نه آهي، ان کي دشمن بڻائڻ مناسب نه آهي.عليما خان موجب، عمران خان واضح ڪيو ته هو ملڪ ۾ آزادي، اتحاد ۽ قانون جي حڪمراني لاءِ بيٺو آهي، جيڪڏهن جيل ۾ رهڻو پوي ته رهندو، پر اصولن تان نه هٽندو. هن وڌيڪ چيو ته ڪيس رولڙي جو شڪار آهن ۽ ملاقاتن تي بندش آهي، ملڪ ۾ قانون نالي شئي ناهي.
