ڪولمبو(ويب ڊيسڪ)پاڪستان ۽ افغانستان ۾ ٽئين ۽ سيريز جي آخري ميچ ڪولمبو ۾ کيڏي پئي وڃي. پاڪستان ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصل ڪيو آهي، فخرالزمان ۽ امام الحق اننگ جي شروعات ڪئي. 36 جي مجموعي اسڪور تي فخرالزمان نائين اوور ۾ 5 چوڪن جي مدد سان 33 بالن تي 27 رنز ٺاهي گلبدين نائب جي بال تي رياض حسن هٿان ڪيچ ٿيو ۽ امام الحق به ڄمي نه سگهيو30 بالن تي 13 رنز ٺاهي نائب جو ٻيو شڪار بڻيو ۽ کيس گرباز ڪيچ ڪيو. جنهن بعد بابر اعظم ۽ محمد رضوان اسڪور اڳتي وڌايو. واضح رهي ته پاڪستان سيريز جون 2 ميچ کٽي سيريز کٽي چڪو آهي ۽ جيڪڏهن اڄوڪي ميچ پاڪستان کٽي ورتي ون ڊي رينڪنگ ۾ پهرين نمبر تي اچي ويندو. افغانستان خلاف ٽئين ون ڊي ميچ ۾ پاڪستاني ٽيم ۾ 4 تبديلين جو فيصلو ڪيو ويو آهي. قومي ٽيم انتظاميا تبديلين جو فيصلو سيريز کٽڻ کانپوءِ ڪيو آهي. ٽيم انتظاميا پليئنگ اليون ۾ سعود شڪيل، فهيم اشرف، محمد نواز ۽ محمد وسيم جونيئر کي به موقعو ڏنو ويو آهي. جڏهن ته افتخار احمد، اساما مير، نسيم شاهه ۽ حارث رئوف کي آرام ڪرايو ويو آهي. پليئنگ اليون جو حتمي فيصلو ٽاس کان اڳ ڪيو ويو.
ڊجيٽل رائٽس بل آڻينداسين، نوجوان تجويزون ڏين: بلاول ڀٽو
فوجي عدالت جي فيصلي جي مذمت، چئلينج ڪرڻ جو اعلان
حڪومت جو شاگردن کي هڪ لک اليڪٽرڪ بائيڪس ڏيڻ جو اعلان
يورپي يونين فوجي عدالتن جي فيصلن تي ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي
حڪومت ۽ مخالف ڌر جي ڪميٽين ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق
190 ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو 6 جنوري تي ٻڌايو ويندو
پوليو جا ڦڙا نه پياريندڙن کي ڪو به سرٽيفڪيٽ نه ڏيڻ جو فيصلو
ميهڙ ۾ ٻن ڌرين جو پراڻي زميني تڪرار تان فائرنگ، هڪ ڄڻو قتل
ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ اڄ موسم ٿڌو رهڻ جو امڪان
ناراض گهر واري مڙس جي مينهن ۽ ڳئون کي زهر ڏئي ماري ڇڏيو
هڪ ڏينهن ۾ ڳالهين جا نتيجا نه ٿا اچي سگهن: شوڪت يوسفزئي
علي امين گنڊاپور کي هٽائڻ جي ڳالهه غلط آهي: عمر ايوب
آءِ فون چوري ٿيڻ بعد ڊيٽا محفوظ ڪيئن رکجي؟ طريقو ڄاڻيو
ملڪ جي فيصلن ڪندڙن سان ئي ڳالهيون ڪامياب ٿينديون: علوي
ڪاروباري هفتي جي مثبت شروعات، 2495 پوائنٽس جي واڌ
درج ٿيل ڪيسن ۾ عمر ايوب کي گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم
ڳالهيون اين آر او نه پر پاڪستان لاءِ ٿينديون: طلال چوڌري
پاڪستان آفريڪا خلاف ون ڊي سيريز کٽيندڙ پهرين ٽيم بڻجي وئي
ملڪه ترنم نور جهان کي جنم 24 سال گذري ويا
خدشو آهي ته ايران ايٽمي هٿيار ٺاهي سگهي ٿو،آمريڪا