افغانستان ۾ حادثو، 52 ڄڻا فوت، ڪيترائي ٻيا زخمي

ڪابل: (ويب ڊيسڪ) افغانستان جي صوبي غزني ۾ مسافر بسن کي پيش ايندڙ ٻن مختلف حادثن جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 52 ڄڻا فوت جڏهن ته 60 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن.پرڏيهي ميڊيا موجب افغانستان جي ڏاکڻي اوڀرين صوبي غزني ۾ ڪابل ۽ انڌار کي ملائيندڙ هاءِ وي تي مسافر بس هڪ آئل ٽينڪر سان ٽڪرائجي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 52 ڄڻا فوت جڏهن ته 60 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن.غرني جي انفارميشن ۽ ڪلچرل ڊپارٽمينٽ جي سربراهه حامدالله نثار ٻڌايو ته هڪ مسافر بس غزني جي ڳوٺ شهباز جي ڀرسان آئل ٽينڪر سان ٽڪرائجي وئي جڏهن ته ٻئي مسافر بس کي حادثو ضلعي اندار ۾ پيش آيو.افغان طالبان چيو آهي ته حادثي جا سبب ڄاڻڻ جي لاءِ جاچ شروع ڪئي وئي آهي، حادثي جي زخمي ڪجهه ماڻهن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي جن کي طبي علاج جي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو