افغانستان ۾ دهشتگردن جا ٺڪاڻا پاڪستان کي غير محفوظ بڻائين پيا

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)وزيراعظم شهباز شريف جي پرڏيهي معاملن بابت خاص مددگار طارق فاطمي جو چوڻ آهي ته افغانستان ۾ دهشتگردن جا ٺڪاڻا پاڪستان کي غير محفوظ بڻائي رهيا آهن.مشهور آمريڪي ٿنڪ ٽينڪ، ڪارنيگي اينڊومينٽ فار انٽرنيشنل پيس ۾ ڳالهائيندي، خاص مددگار طارق فاطمي چيو ته پاڪستان، پنهنجي منفرد حيثيت ۽ مقام سان ڪنهن به پرڏيهي يا علائقائي عينڪ سان نه ڏسڻ گهرجي.طارق فاطمي چيو ته افغانستان ۾ دهشتگردن جا ٺڪاڻ پاڪستان کي غير محفوظ بڻائي رهيا آهن. آمريڪا کي پاڪستان کي ڪنهن به پرڏيهي يا علائقائي عينڪ سان ڏسڻ بدران آزاديءَ سان ڏسڻ گهرجي.پاڪ آمريڪا واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي موقعن کي اجاگر ڪندي وزيراعظم جي خاص مددگار چيو ته آمريڪي سيڙپڪارن کي پاڪستان جو دورو ڪرڻ گهرجي ۽ موجود موقعن مان فائدو حاصل ڪرڻ گهرجي.طارق فاطمي چيو ته چئلينجن جي باوجود، پاڪستان پرڏيهي سيڙپڪاري لاءِ هڪ اميد افزا ۽ منافعي بخش منزل آهي.ان کان اڳ، وزيراعظم جي پرڏيهي معاملن بابت خاص مددگار طارق فاطمي واشنگٽن ۾ آمريڪي ڪانگريس جي ريپبلڪن ۽ ڊيموڪريٽڪ اڳواڻن سان ملاقات ڪئي ۽ پاڪ-آمريڪا لاڳاپن، ٻطرفي تعاون ۽ اقتصادي لاڳاپن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو