افغانستان ۾ ڌماڪو، 2 ڄڻا مارجي ويا، 28 زخمي

ڪابل(ويب ڊيسڪ)افغانستان جي صوبي ننگرهار جي ضلعي غني ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ 2 شهري مارجي ويا ۽ 28 زخمي ٿي پيا.افغان عملدارن جو چوڻ آهي ته زخمين ۾ طالبان سيڪيورٽي فورسز جا پنج ميمبر به شامل آهن.افغان اختيارين جو چوڻ آهي ته ڌماڪي ۾ ضلعي صحت جي سربراهه جي گاڏي کي نشانو بڻايو ويو.ڪنهن به گروپ ڌماڪي جي ذميواري قبول نه ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو