اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت افغان رهواسين جي ملڪ ڇڏڻ جي آخري تاريخ 31 مارچ تائين نه وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.تفصيل موجب گهرو وزارت جي هڪ اجلاس ۾ افغان رهواسين کي 31 مارچ تائين ملڪ ڇڏڻ جي آخري تاريخ تي سختي سان عمل ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.ان سلسلي ۾، راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ غير قانوني طور تي رهندڙ افغان رهواسين کي ڪڍڻ جون هدايتون اڳ ئي ڏنيون ويون آهن.ٻئي طرف، ايمنسٽي انٽرنيشنل غير قانوني طور تي رهندڙ پرڏيهين کي ڪڍڻ جي منصوبي کي واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي.ايمنسٽي انٽرنيشنل جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي 31 مارچ جي آخري تاريخ افغان شهرين جي مشڪلاتن ۾ اضافو ڪندي.ايمنسٽي انٽرنيشنل جي مطابق، پاڪستان 2023 ۽ 2025 جي وچ ۾ 844,499 افغانين کي ملڪ بدر ڪيو.
