افغان سرحد تان دراندازي، 5 خارجي دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز زوب ۾ پاڪ – افغان سرحد ڀرسان ڪامياب ڪارروائي ڪندي دراندازي جي ڪوشش ڪندڙ 5 خارجي دهشتگردن کي ماري ڇڏيو.آءِ ايس پي آر موجب 18 ۽ 19 جنوري جي وچين رات خارجين جي هڪ گروپ پاڪ – افغان سرحد تان دراندازي جي ڪوشش ڪئي، سيڪيورٽي فورسز زوب جي علائقي سمبازا مان دراندازي جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي. آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته سيڪيورٽي فورسز ڪارروائي جي نتيجي ۾ 5 خارجي دهشتگردن کي ماري ڇڏيو، پاڪستان عبوري افغان حڪومت کي مسلسل چوندو رهيو آهي ته سرحد جي ڀرپاسي اثرائتي بارڊر مينيجمينٽ کي يقيني بڻائي. ترجمان موجب اميد ته عبوري افغان حڪومت پنهنجون ذميواريون پوريون ڪندي، افغان حڪومت پنهنجي سرزمين پاڪستان خلاف دهشتگرد ڪارروائين ۾ استعمال ٿيڻ کان روڪي.

پهنجو تبصرو موڪليو