افغان طالبان پنج برطانوي شهرين کي رها ڪري ڇڏيو

ڪابل(ويب ڊيسڪ)افغان طالبان پاران يرغمال بڻيل پنج برطانوي شهرين کي آزاد ڪيو ويو آهي.برطانيه جي پرڏيهي، دولت مشترڪه ۽ ترقي واري آفيس جي ترجمان چيو: ”اسان افغانستان ۾ موجوده انتظاميه طرفان پنج برطانوي شهرين جي آزاديءَ جي آجيان ڪريون ٿا.ترجمان وڌيڪ چيو: ”اهي برطانوي شهرين جو افغانستان ۾ اسان جي حڪومت سان ڪو به واسطو نه هو پر حڪومت جي سفري هدايتن جي خلاف افغانستان ويا، جيڪا هڪ غلطي هئي.ترجمان موجب انهن شهرين جي خاندانن طرفان افغان ثقافت، روايتن يا قانون جي ڪنهن به ڀڃڪڙي تي معافي گهرون ٿا ۽ مستقبل ۾ سٺي رويي جو يقين ڏياريون ٿا.برطانوي پرڏيهي سيڪريٽري لِز ٽراس هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته کيس خوشي آهي ته برطانيا افغانستان ۾ قيد پنهنجن پنجن شهرين کي آزاد ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي.هن چيو ته اهي ماڻهو جلد پنهنجي خاندانن سان ملندا. آئون برطانوي سفارتڪارن جو شڪر گذار آهيان جو انهن جي آزاديءَ ۾ ڪم ڪيو.اهو واضح ناهي ته انهن ماڻهن کي طالبان ڪڏهن حراست ۾ ورتو ۽ ڪٿي رکيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو