اسلام آباد ( بيورو رپورٽ)رضاڪارانه واپسي جي آخري تاريخ ختم ٿيڻ کان پوءِ افغان پناهگيرن کي واپس موڪلڻ جو عمل اڄ کان شروع ٿي رهيو آهي. خيبرپختونخواهه جي گهرو کاتي جي ذريعن موجب، افغان پناهگيرن جي رضاڪارانه واپسي جي آخري تاريخ 31 مارچ تي ختم ٿي وئي آهي.هن چيو ته افغان پناهگيرن کي واپس موڪلڻ جو عمل پهرين اپريل کان شروع ڪيو پيو وڃي.خيبر پختونخواه جي گهرو کاتي جو چوڻ آهي ته 2013 کان وٺي 6.5 ملين افغان پناهگيرن کي طورخم سرحد ذريعي واپس افغانستان موڪليو ويو آهي. گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت اداري جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ رجسٽرڊ افغان پناهگيرن جو انگ 15 لک 20 هزار آهي جڏهن ته 8 لک افغناي اهڙا آهن جن وٽ ڪاغز موجود نه آهن. هوڏانهن افغانستان جي پناهگيرن بابت وزير مولوي عبدالڪبير پاڪستان ۽ ايران تي زور ڀريو آهي ته هو افغان پناهگيرن کي جبري طور نه موڪليو وڃي ۽ رضاڪارانه طور واپسي جو کين آپشن ڏنو وڃي.
