ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان جو خواب ڏسندڙ شاعر مشرق علامه اقبال کي سندس 147 هين سالگرهه تي ڀيٽا پيش ڪئي آهي. جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته علامه اقبال جي فڪري ۽ نظرياتي رهنمائي ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي شعور ۽ بيداري ڏني، شاعر مشرق جي سوچ اڄ به سندن ملڪ لاءِ مشعل راهه آهي. سندس چوڻ هو ته علامه اقبال هڪ اهڙي معاشري جو خواب ڏٺو هو جتي انصاف، برابري ۽ اتحاد بنيادي قدر هجن. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان جو عوام خاص طور نوجوان اقبال جي شاعري ۽ فلسفي مان سبق حاصل ڪن، قوم اقبال جي ميراث کي رڳو لفظن ۾ نه پر عمل ذريعي زنده رکي. هن چيو ته قوم هڪ اهڙي معاشري کي هٿي وٺرائي جنهن جو بنياد رواداري، ديانتداري ۽ ترقي تي هو. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اچو هو اقبال جي خواب کي پنهنجي ذاتي ۽ اجتماعي زندگي ۾ شامل ڪري اڳتي وڌن، اهڙو پاڪستان ٺاهيون جو اقبال جو تصور ڪيل انصاف، امن ۽ برابري جي اصولن کي ظاهر ڪندو هجي.
سنڌيار سکر 13 نومبر 2024ع
سنڌيار ڪراچي 13 نومبر 2024ع
عظيم ڪميونسٽ اڳواڻ حسن ناصر شھيد
واٽر ڪارپوريشن جي ماهوار آمدني ۾ 65 سيڪڙو اضافو
وڪيلن جا پنهنجي اصيلن تي 609 ڪيس، عدالت کي ڳڻتيءَ
آئيني بئنچ سامهون ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ جو فيصلو
شڪارپور ۾ خوفناڪ روڊ حادثي ۾ 3 ڄڻا فوت
موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ خصوصي فنڊ مختص ڪرڻ جو مطالبو
سنڌ ۾ ضمني مڪاني چونڊن لاءِ پولنگ 14 نومبر تي ٿيندي
گلگت کان چڪوال ويندڙ ڄاڃين جي بس سان حادثو، 18 ڄڻا فوت
صوبي ۾ دوست ۽ دشمن جي سڃاڻپ ناممڪن ٿيندي پئي وڃي:بگٽي
يوٽيوب وڊيوز ۾ نئين تبديليءَ واهپيدارن کي چيڙائي ڇڏيو
27 لک پاڪستانين جو نادرا مان رڪارڊ چوري ٿيڻ جو انڪشاف
عمران خان سان ملاقات لاءِ آيل اڳواڻ گرفتاري بعد آزاد
پوليس لائنز مسجد ۾ آپگهاتي بمبار جو مُک سهولتڪار گرفتار
سرمائيڪاري جي اوٽ ۾ فراڊ، نيب سميت ٻين جا بيان حلفي طلب
محافظ به غير محفوظ، هٿياربند جي پوليس اهلڪارن کان ڦر
حيدرآباد ۾ مبينا پوليس مقابلو، ٻه جوابدار گرفتار
سڄي سنڌ ۾ منشيات فروشن خلاف ڀرپور آپريشن
ايئرپورٽ حملي ڪيس جي جوبدارن جو جسماني رمانڊ منظور