اقبال ۽ قاديانيت = حقيقت يا افسانو

طفيل مگسي
مرزا غلام احمد قادياني پنهنجي دور جي مسلم.انئلڪچول.ڪلاس کي ڏاڍو متاثر ڪيو هو.مرزا صاحب جو مزاج بحث مباحثي وارو هو.هندستان جي تبليغي ميدان ۾ پير ڊگهيڙيندي عيسائي استادن سان بحث مباحثو ڪري ڌوڙ چٽائي ڇڏي هئي.مرزا صاحب اهوئي سبب آھي اهلحديث جي مولانا حسن بٽالوي .مولانا غلام رسول مهر .مولانا محمدعلي جوهر ۽ مولوي مير حسن جهڙا ماڻھو مرزا صاحب جي تعريف ڪندا هئا.
ان وقت جي مسلمانن جا ٽي وڏا نالي وارا ڀائر.قادياني ٿي ويا هئا.مولانا ابو الڪلام آزاد جوڀاء مولانا ابونصر غلام.ياسين.مولانا محمدعلي جوهر جو ڀاء ذوالفقار علي گوهر ۽ علامه اقبال جو ڀاء شيخ عطا محمد.انهن ٽنهيء مرزا صاحب کان متاثر ٿي ڪري احمديت اختيار ڪري ڇڏي هئي.
اقبال جي خاندان جا مرزا صاحب سان ويجهڙائي وارا لاڳاپا هئا.اقبال جو ڀائٽيو ۽ شيخ عطا محمد جو پٽ شيخ اعجاز پنهنجي ڪتاب“مظلوم.اقبال“صفحو158 ۾ لکي ٿو ته.۔
“سلسلي احمديا جا اسان جي خاندان سان ويجهڙا ۽ ڳوڙھا تعلقات هئا.بابا سائين(شيخ عطا محمد) ته احمديا جماعت ۾َ شامل ٿيڻ وارن پهرين فردن منجهان هو.سلسلي احمديا جي پهرين شخصيت حڪيم نور الدين هڪ ڀيرو پنهنجي گهر واري سان گڏ اسان جي گهر به آيو هو ۽ اديء جي گردي جو علاج به ڪيو هيائين.“
شروعات ۾ اقبال به مرزا صاحب کان متاثر ٿي ويو هو ايستائين ته قاديان وڃي ڪري مرزا صاحب جي بيعت به ڪري ڇڏي هئي.ان جي تصديق ڪيترن ئي حوالن کان ڪري سگهجي ٿي.
مورخ قياديا گ مولوي عبدالقادر پنهنجي ڪتاب “لاهور تاريخ قاديانت“ ۾ لکيو هو..۔۔
1897ع ۾ لاهور جا ڪيترائي تعليم يافته نوجوان مرزا صاحب سان ملڻ آيا.ته جيئن کانئس سوال ڪري سگهن جن ۾ اقبال به شامل هو.بعد ۾ مرزا صاحب کان متاثر ٿي ڪري اقبال سميت ڪيترن ئي ڇوڪرن مرزا جي بيعت به ڪري ڇڏي هئي.
ان جي وڌيڪ تصديق خواجه نذدر احمد چيئرمين سول ملٽري بورڊ آف ڊاريڪٽر جي هن بيان کان به ٿيئي ٿي ته جيڪو هن تحقيقاتي عدالت کي ڏنو هو.جيڪو بعد ۾ پاڪستان ٽائيمز ۾ به چپيو.جنهن جي مطابق هو پنهنجي والد خواجه ڪمال الدين سان گڏ هڪ ڀيرو اقبال سان ملڻ ان جي گهر ويو هو.اقبال جي ان جي والد سان ياراڻي هئي ..خواجه پڇيس۔۔
يار ڪي هويا تيري بيعت دا.
اقبال جواب ڏنو.
او ویلا ہور سی اے ویلا ہور اے
يعني اهو وقت ٻيو هو ۽ هي وقت ٻيو آھي.،وقت وقت جي ڳاله آھي.بعد ۾ ته اقبال مرزايت جي خاطري به خوب ورتي.جڏھن1902ع ۾ اقبال کي سيد حامد اقبال کي احمديت قبول ڪرڻ جي دعوت ڏني ۽ اقبال ان جو جواب هن نظم سان ڏنو.
تنکے چن چن کے باغ الفت کے
آشیانہ بنا رہا ہوں میں
ایک دانے پہ ہے نظر تیری
خرمن دیکھتا ہوں میں
تو جدائی پہ جان دیتا ہے
وصل کی راہ دیکھتا ہوں میں
هتي هيء ڳاله دلچسپي کان خالي نه ٿيندي ته مرزا غلام.احمد قاديانيء سيالڪوٽ جي ڪچهري ۾ ڪجه عرصي کان ڪم ڪيو هو.سيالڪوٽ ۾ عيسائي استادن جو ڌاڪو هو.امپيريل گزييٽر آف انڊيا جي مطابق Sialkot have largest number of native christian تھا.هتي چرچ آف اسڪاٽ لينڊ جي تحت ڪليسيائي اسڪول هلندا هئا.جتي اقبال به پڙھيو.مرزا صاحب جي قيام سبب سيالڪوٽ جي عيسائي استادن سان به هن جو بحث مباحثو ٿيندو هو.اقبال جو والد شيخ ور مذھبي ماڻھو هو.هو به مرزا صاحب کان مٿاثر ٿيڻ بنا نه رهي سگهيو.خبر رکندڙ ماڻھن لکيو آھي ته اقبال جو والد به مرزائي ٿي ويو هو.مگر بعد ۾ سوشل بائيڪاٽ جي ڊپ کان احمديت ڇڏي ڏنائين۔
جيڪي ڪجه به هجي مرزا صاحب هو.ڏاڍو ذھين هو.چوٽي جي عالمن ۽ مفڪرن مرزا جي تعريفن جا بند ٻڌي ڇڏيا هئا دعوي کان پهرين ،،.، ۽ بعد ۾ ان جي خلاف جيڪڏھن ڪي قدم کنيا به ويا ته عملي نموني جا هئا.
اهو ته پاڪستان ٺھڻ کانپوء ڪجه ماڻھو جيڪي ظفر الله کي رستي کان هٽائڻ جي لاء قادياني قادياني جي راند شروع ڪئي.جنهن جا مهرا مولانا مودودي ۽ عطا الله بخاري بڻيا.۔
اهي ڪهڙا ٻه ڳجهي ايجنسي جا آفيسر هئا.جن ملتان اچي ڪري عطا الله شاه بخاري کي ٽاسڪ ڏنو هو ته تون ختم نبوت جي تحريڪ هلاء ۽ اهي ٻئي آفيسر ڪنهن جي چوڻ تي آيا هئا.جيڪڏھن صرف ان جو پتو پئجي وڃي ته پاڪستان جي ختم.نبوت جي انڊسٽري تي پيل ڪيترائي مقدس پردا لهي پوندا؛؛؛

پهنجو تبصرو موڪليو