اِي سي سي جو اجلاس طلب، اهم فيصلن جي منظوري جو امڪان

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اقتصادي رابطه ڪميٽي جو اجلاس وفاقي ناڻي واري محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ طلب ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ اهم فيصلن جي منظوري ملڻ جو امڪان آهي.ذريعن موجب اي سي سي اجلاس ۾ گوادر پورٽ مان پوٽاشيم سلفيٽ جي برآمد جي منظوري، ريڪوڊڪ پروجيڪٽ جي سيڪيورٽي چارجز جي ادائيگي لاءِ هڪ ارب 79 ڪروڙ روپين جي به منظوري سميت ٻين اهم معاملن تي غور ڪيو ويندو.اجلاس ۾ اسلام آباد جي سرڪاري تعليمي ادارن جي لاءِ 25 ڪروڙ روپيه گرانٽ جي منظوري به غور هيٺ ايندي انهي کان علاوه سمينڊا کي فنڊز جي فراهمي جي منظوري به امڪان آهي.اي سي سي اجلاس ۾ سنڌ رينجرز جي هيلي ڪاپٽرز جي مرمت جي لاءِ 3 ڪروڙ 60 لک روپين جي ٽيڪنيڪي اضافي گرانٽ به بحث هيٺ ايندي. اهڙي طرح ايف سي بلوچستان کي هيليڪاپٽر جي پرزن جي خريداري لاءِ هڪ ڪروڙ 54 لک روپين جي ٽيڪنيڪي اضافي گرانٽ جي منظوري ملڻ جو امڪان آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ ايس ڊي جيز جي پروگرام تحت 2024-25 جي لاءِ فنڊز جاري ڪرڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئِي ويندي. ذريعن موجب اقتصادي رابطه ڪميٽي جي اجلاس ۾ نيٽ ميٽرنگ صارفين جي لاءِ ريٽس ۾ گهٽتائي جو معاملو ايجنڊا ۾ شامل ناهي ڪيو ويو. پاور ڊويزن طرفان نيٽ ميٽرنگ ريٽس جو معاملو اجلاس ۾ اٿارڻ جو امڪان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو