ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سينيئر سياستدان، قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر الاهي بخش سومري جي ڪراچي ۾ جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جڏهن ته تدفين جيڪب آباد ۾ ڪئي ويندي.سول لائن واري علائقي ۾ الاهي بخش سومري جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي. جنازي نماز ۾ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه، صوبائي وزير ناصر شاهه، ايم پي اي شير محمد مغيري، سيد زين شاهه، غوث علي شاهه، محمد ميان سومري، همير سومري، لياقت جتوئي، حسين هارون، حليم عادل شيخ ۽ ذوالفقار سرڪي، سميت سياسي، سماجي اڳواڻن، وارثن توڙي شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.الاهي بخش سومري کي اباڻي علائقي جيڪب آباد ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندو.اربع ڏينهن الاهي بخش سومري جو ڳچ عرصي بيمار رهڻ سبب ساهه جو سڳو ٽٽي پيو هو.الاهي بخش سومرو 15 مئي 1926ع ۾ سنڌ جي تاريخي شهر شڪارپور ۾ جنم ورتو هو.الاهي بخش سومري اين ايِ ڊي يونيورسٽيءَ مان سول انجنيئرنگ جي ڊگهري حاصل ڪئي، هو ڪي ڊي ايَ جو ڊي جي پڻ رهي چڪو آهي.الاهي بخش سومرو قومي اسيمبليءَ جو اسپيڪر ۽ ڪيترائي ڀيرا وفاقي وزير پڻ رهيو، کيس شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو ويجهو ساٿي سمجهيو ويندو آهي.الاهي بخش سومري جو تعلق سياسي خاندان سان رهيو، سندس والد مولا بخش سومرو ورهاڱي کان اڳ واري سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر رهيو، سندس چاچو شهيد الهه بخش سومرو سنڌ جو وڏو وزير پڻ رهيو.
سعودي عرب خلاف زهر اوڳاڇيو ويو ان کان وڌيڪ ملڪي دشمني نٿي سگهي
دهشتگردن جو نيٽورڪ ختم ڪرڻ جو عزم، فوج امن دشمنن جو پيڇو ڪندي
اڊيالا جيل ۾ عمران خان جو سيل ٿاڻو قرار، پوليس مقرر
پي ٽي آءِ جو احتجاج، اسلام آباد ايندڙ موٽر وي اڄ کان بند
ٽرانسپورٽ کاتي جون زمينون خالي ڪرائڻ جو فيصلو
سنڌو دريا اسان جو ساهه آهي، ڪينال ڪڍڻ جي اجازت نٿا ڏئي سگهون
هي آخري احتجاج آهي، 24 نومبر واري فيصلي تي عمل ڪنداسين
پي ٽي آءِ احتجاج، عدالتي فيصلي تي پوري طاقت سان عملدرآمد جو اعلان
پنجاب ۾ قلم 144 لاڳو، جلسن، ريلين ۽ ڌرڻن تي بندش
ڪي پي پوليس جي آفيسرن ۽ اهلڪارن لاءِ نوان ظابطا اخلاق جاري
چمبڙ: ڳوٺ ڇتن آريسر ۾ نوجوان ناري آپگهات ڪري ڇڏيو
ڪنڌڪوٽ ۾ کوسا ۽ گولا برادري ۾ تڪرار، هڪ ڄڻو قتل، هڪ زخمي
آءِ نائن ٿاڻي تي ڪيس ۾ علي امين گنڊاپور اشتهاري قرار
لاهور دنيا جي آلوده ترين شهرن ۾ پهرين نمبر تي برقرار
سياري جي موڪل بعد سمورن ٻارن کي ٽرانسپورٽ ڏيڻ جو حڪم
بشريٰ جو بيان عوام کي گمراهه ڪرڻ جي برابرآهي : ارسلان
بشريٰ بي بي جا ناقابل ضمانت وارنٽ جاري، گرفتاري جو حڪم
عمران سان ملاقاتون نه ڪرائڻ تي جيل سپرنٽينڊنٽ جي معافي قبول
عدالتي رپورٽنگ تي پيمرا جي پابندي ڪالعدم قرار
مان ۽ جاويد ڇوڪرين سان دوستين ۾ مقابلو ڪندا هئاسين: سيد نور