ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ پريميئر ليگ هڪ گلوبل ٽي 20 ڪرڪيٽ ليگ آهي جنهن جو مقصد سنڌ جي نوجوان ڪرڪيٽرن خاص ڪري اندرئين سنڌ جي ڪرڪيٽرن جي صلاحيتن کي اجاڳر ڪرڻ آهي. ايس پي ايل پنهنجي افتتاحي سيزن لاءِ الحيات گروپ کي پنهنجي پهرين گولڊ اسپانسر طور سائن ڪيو آهي. معاهدي تي صحيحن جي تقريب سنڌ اسيمبلي جي مرڪزي آڊيٽوريم ۾ ٿي، جنهن ۾ معزز مهمانن ۽ ناليوارن شخصيتن شرڪت ڪئي. تقريب جو خاص مهمان لوڪل گورنمينٽ هائوسنگ اينڊ ٽائون پلاننگ وارو صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه هو. پنهنجي خطاب ۾ سيد ناصر حسين شاهه ايس پي ايل جي ڪاميابي لاءِ پنهنجي اڻ کٽ حمايت جو اظهار ڪيو ۽ ايس پي ايل جي ڪاميابي لاءِ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) ۽ ٻين سمورن اسٽيڪ هولڊرز وچ ۾ سهڪار جو يقين ڏياريو. هن ايس پي ايل جي پهرين گولڊ اسپانسر طور اهم ڪردار ادا ڪرڻ تي الحيات گروپ جي چيئرمين ۽ سي اي او جهانزيب عالم جا ٿورا مڃيا. راندين ۽ نوجوانن جي معاملن بابت سنڌ جي وڏي وزير جو خاص مددگار ارباب لطف الله به خصوصي شرڪت ڪئي. هن سنڌ ۾ ڪرڪيٽ ٽيلنٽ جي واڌاري ۽ بهتري لاءِ ڀرپور عزم جو اظهار ڪيو ۽ ليجنڊ ڪرڪيٽر جاويد ميانداد کي ايس پي ايل جو نائب صدر بڻائڻ جي آڇ ڪئي. هن ايس پي ايل کي پڻ صلاح ڏني ته سنڌ جي ليجنڊ ڪرڪيٽرن تي ٻڌل هڪ بورڊ ٺاهيو وڃي ته جيئن ايس پي ايل جي صلاحيتن کي ھٿي وٺرائڻ ۽ انهن کي عالمي اسٽيج تي آڻي سگهجي. اڳوڻو ٽيسٽ ڪرڪيٽر ۽ ايس پي ايل مينٽور عبدالرزاق سنڌ ۾ ڪرڪيٽ ٽيلينٽ کي اجاڳر ڪرڻ بابت پنهنجي ذميوارين بابت ٻڌايو. هن ايندڙ سنڌ پريميئر ليگ ٽرائلز کي باصلاحيت رانديگرن کي سڃاڻڻ ۽ ان کي ترقي ڏيڻ جو هڪ موقعو قرار ڏنو ۽ يقين ڏياريو ته هو ان ۾ پنهنجي بهترين ڪوشش ڪندا. جاويد ميانداد سنڌ ۾ ڪرڪيٽ جي بهتري لاءِ ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو ۽ ان لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جو يقين ڏياريو. هن ايس پي ايل ۽ الحيات گروپ کي به مبارڪباد ڏني. الحيات گروپ جي چيئرمين ۽ سي اي او جهانزيب عالم نوجوانن کي مثبت سرگرمين ۾ شامل ڪرڻ لاءِ راندين جي اهميت کي اجاگر ڪيو. هن واعدو ڪيو ته هو پنهنجي ذميواري سمجهي اهڙين سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ الحيات گروپ سان سهڪار جاري رکندو. سنڌ پريميئر ليگ جي صدر عارف ملڪ رانديگرن جي ترقيءَ واري پروگرام سميت ليگ جي مستقبل جي منصوبن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ان اقدام جو مقصد سنڌ جي نوجوان ڪرڪيٽرن کي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊميز ۾ تربيت ڏيڻ آهي. عارف ملڪ سيزن 1 جي پهرين گولڊ اسپانسر جي حيثيت سان الحياة گروپ جي سهڪار تي شڪريو ادا ڪيو. تقريب ۾ بشرا انصاري؛ بهروز سبزواري شڪيل صديقي؛ فيصل قريشي ۽ شهزاد شيخ جهڙن نامور اداڪارن پڻ شرڪت ڪئي. بشرا انصاري شڪيل صديقي؛ ۽ فيصل قريشي پنهنجي تقريرن دوران اهڙي ڪرڪيٽ ليگ جي قيام تي خوشي جو اظهار ڪيو جنهن سان سنڌ جي باصلاحيت ڪرڪيٽرن کي موقعا ملندا. تقريب جي ميزباني مشهور مبصر ۽ ڪرڪيٽ تجزيه نگار مرزا اقبال بيگ ڪئي ۽ نوجوان اسپورٽس اينڪر ميشا عمران ريڊ ڪارپيٽ ميزباني جا فرض سرانجام ڏنا. سنڌ پريميئر ليگ سيزن 1 سيپٽمبر 2023 جي ٻئي هفتي ۾ شروع ٿيندي ۽ ان ۾ ڇهه ٽيمون ڪراچي غازي، لاڙڪاڻو چيلنجرز، بينظير آباد للز، ميرپورخاص ٽائيگرز، حيدرآباد بهادرز ۽ سکر پيٽرياٽس شامل هونديون.
پي ٽي آءِ سان ڳالهيون، صدر سان وزيراعظم جي اهم ملاقات
ملڪ ڪاروبار دوست ناهي رهيو ، بزنس فورم جو ناڻي واري وزير کي خط
سال 2025 ۾ عام موڪلون ۽ اختياري موڪلون 40 ٿينديون،نوٽيفڪيشن
قائداعظم ڏهاڙي ۽ ڪرسمس جي موقعي تي موڪل جو اعلان
ڪئنال نڪرڻ سان سنڌ بنجر بڻجي ويندي:رياض چانڊيو
ڊجيٽل رائٽس بل آڻينداسين، نوجوان تجويزون ڏين: بلاول ڀٽو
فوجي عدالت جي فيصلي جي مذمت، چئلينج ڪرڻ جو اعلان
حڪومت جو شاگردن کي هڪ لک اليڪٽرڪ بائيڪس ڏيڻ جو اعلان
يورپي يونين فوجي عدالتن جي فيصلن تي ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي
حڪومت ۽ مخالف ڌر جي ڪميٽين ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق
190 ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو 6 جنوري تي ٻڌايو ويندو
پوليو جا ڦڙا نه پياريندڙن کي ڪو به سرٽيفڪيٽ نه ڏيڻ جو فيصلو
ميهڙ ۾ ٻن ڌرين جو پراڻي زميني تڪرار تان فائرنگ، هڪ ڄڻو قتل
ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ اڄ موسم ٿڌو رهڻ جو امڪان
ناراض گهر واري مڙس جي مينهن ۽ ڳئون کي زهر ڏئي ماري ڇڏيو
هڪ ڏينهن ۾ ڳالهين جا نتيجا نه ٿا اچي سگهن: شوڪت يوسفزئي
علي امين گنڊاپور کي هٽائڻ جي ڳالهه غلط آهي: عمر ايوب
آءِ فون چوري ٿيڻ بعد ڊيٽا محفوظ ڪيئن رکجي؟ طريقو ڄاڻيو
ملڪ جي فيصلن ڪندڙن سان ئي ڳالهيون ڪامياب ٿينديون: علوي
ڪاروباري هفتي جي مثبت شروعات، 2495 پوائنٽس جي واڌ