اليڪشن ڪمشنر سنڌ سميت 3 آفيسر نااهلي ۽ بدانتظامي تي معطل

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا نااهلي ۽ بدانتظامي تي 3 اليڪشن ڪميشن آفيسرن کي 120 ڏينهن لاءِ معطل ڪري ڇڏيو آهي.اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب صوبائي اليڪشن ڪمشنر سنڌ شريف الله، ڊائريڪٽر ايڊمن اليڪشن ڪميشن سنڌ اظهر حسين ٽانواري کي نااهلي ۽ بدانتظامي تي معطل ڪيو ويو آهي.نوٽيفڪيشن موجب اليڪشن آفيسر ڪراچي خدا بخش کي به معطل ڪيو ويو آهي ۽ هدايت ڪئي وئي آهي ته ٽنهي آفيسرن کي انڪوائري مڪمل ٿيڻ ۽ وڌيڪ حڪم ملڻ تائين ڪراچي ۾ ئي رهندو، جڏهن ته جوائنٽ صوبائي اليڪشن ڪمشنر علي اصغر سيال کي وقتي اليڪشن ڪمشنر سنڌ مقرر ڪيو ويو آهي ويو اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته 17 سيپٽمبر جي رات پاپري ڪراچي ۾ اسٽرانگ روم جا تالا زبردستي ٽوڙي مختلف پولنگ اسٽيشنن جا بيگز خراب ڪيا ويا هئا، جنهن جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي آهي.اليڪشن ڪميشن جي نوٽيفڪيشن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته انڪوائري ڪميٽي ۾ جوائنٽ صوبائي اليڪشن ڪمشنر سنڌ نذر عباس، ڊائريڪٽر وسيم احمد ۽ آر اي سي لاڙڪاڻو عبدالوحيد شامل آهن.اليڪشن ڪميشن موجب ڪميٽي ٽن ڏينهن اندر جاچ مڪمل ڪري رپورٽ پيش ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو