اليڪشن ڪميشن جو پرڏيهي مبصرن کي چونڊن لاءِ خط جاري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ايندڙ عام چونڊن لاءِ پرڏيهي مبصرن کي دعوتون جاري ڪري ڇڏيون آهن. اليڪشن ڪميشن موجب چونڊن جي شفافيت لاءِ ملڪي ۽ پرڏيهي مبصرن لاءِ اوپن ڊور پاليسي آهي.غير ملڪي مبصرن کي اليڪشن ڪميشن جي تصديق جي ضرورت پوندي.اليڪشن ڪميشن پنهنجي دعوت نامي ۾ چيو آهي ته پرڏيهي مبصر ويزا حاصل ڪرڻ لاءِ پرڏيهي وزارت جي ”پاڪستان آن لائن پورٽل“ تي جلد معلومات جمع ڪرائين، تصديقي فارم اليڪشن ڪميشن جي ويب سائيٽ تان ڊائون لوڊ ڪري سگهجن ٿا.اليڪشن ڪميشن موجب سياسي وابستگي رکندڙن کي سرٽيفڪيٽ جاري نه ڪيا ويندا، پرڏيهي مبصرن لاءِ سيڪيورٽي ڪليئرنس لازمي قرار ڏني وئي آهي.اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل دعوت نامي ۾ چيو ويو آهي ته پرڏيهي مبصر چونڊ ۾ بي ضابطگين بابت رپورٽ پيش ڪندا، پرڏيهي مبصر رپورٽ ۾ چونڊ عمل کي بهتر بڻائڻ لاءِ تجويزون به ڏئي سگهن ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو