اليڪٽرڪ ٽيڪسيون شروع ڪرڻ لاءِ ڪوششون تيز ،شرجيل سان وفد جي ملاقات

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ اليڪٽرڪ ٽيڪسين جي حوالي سان چين آٽو موبائل ڪمپني جي اي سي ۽ ديوان موٽرز جي وفد سان ملاقات ڪئي. سنڌ حڪومت اليڪٽرڪ ٽيڪسيون شروع ڪرن لاءِ ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون، صوبائي وزير شرجيل ميمڻ سان چيني آٽو موبائل ڪمپني جي اي سي ۽ ديوان موٽرز جي وفد جي ملاقات ٿي. ملاقات ۾ جي اي سي جي جنرل مئنيجر اليڪٽرڪ وهيڪلز تي بريفنگ ڏني ۽ سنڌ ۾ اليڪٽرڪ ٽيڪسيون متعارف ڪرائڻ لاءِ مختلف آپشنز تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. شرجيل ميمڻ چيني ڪمپني کي سيڙپڪاري ۾ سهڪار جي خاطري ڪرائيندي چيو ته سنڌ حڪومت اليڪٽرڪ ٽيڪسين لاءِ انفرا اسٽرڪچر ۽ سهولتون ڏيندي. هن چيو ته سنڌ حڪومت سيڙپڪارن لاءِ سازگار ماحول يقيني بڻائيندي، نئين ٽيڪسي سروس شروع ٿيڻ سان روزگار جا موقعا به پيدا ٿيندا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو