امر پريتم سوراڻي جي ياد ۾ ڪرڪٽ ٽورنامينٽ

مٺي(ن س) جڳديش ڪالوني واري ڪرڪيٽ  گرائونڊ ۾  امر پريتم سوراڻي جي ياد ۾   هڪ ڏينهن جو ڪرڪيٽ  ٽورنامينٽ منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ مختلف ٽيمن دراني اليون،صادق فقير اليون، امر نريش جونيئر،شاهين اسٽار ڊيزرٽ اليون، امر پريتم اليون،چيلهار اليون ۽ چوهاڻ اليون سميت اٺ ٽيمن حصو ورتو. ٽورنامينٽ  کي آرگنائيز امر پريتم اليون جي رانديگرنڀيشم ڀيماڻي، جڳديش سوٽهڙ  سهيل اگراڻي، سنيل راٺوڙ، جي پي اگراڻي،هريش ۽ ٻين ڪيو ، جڏهن ته  ٽورناميٽ جي فائنل ميچ  صادق  فقير اليون کٽي ورتو. راند جي آخر ۾ کٽيل  ٽيم جي ڪپتان بابراعظم کي ٽرافي ڏني ويئي جڏهن ته ٽورنامينٽ ۾ شرڪت ڪندڙ مهمانن حصو وٺندڙ رانديگرين ۽ مين آف دي ميچ ۽ بهترين بالرن بيٽسيمن کي ڪيش انعام ڏنا ۽ ٽرافيون پڻ ورهايون. ميچ ۾ ونود ڌاراڻي، سباش لکي سنديپ راٺوڙ، منوج شرما ۽ ٻين نوجوان وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو