طفيل مگسي
مسئلو اهو ناهي ته پاڪستانين ۾ سوال ڪرڻ جي همت ناهي بلڪ مسئلو هيء آھي ته انهن کي شعور ئي ناهي ته سوال ڪهڙو ڪرڻو آھي ۽ ڪنهن کان ڪرڻو آھي.ڇاڪاڻ ته پاڪستانين هڪ اهڙي خطي ۾ جنم ورتو آھي.جتي ڄمندي ئي ٻارڙي کي علم دشمني جو دڪو يا لولي ڏني وڃي ٿي.اهڙي صورت ۾ نه ته سوال ئي ممڪن آھي ۽ نه وري تخليق ئي ممڪن ٿي سگهي ٿي.
پاڪستان جي وجود کان وٺي هن وقت تائين هتي بدقسمتي اها رهي آھي ته هي ملڪ اڄ ڏينهن تائين دنيا کي ڪو وڏو ماڻھو نه ڏئي سگهيو آھي.البته ڪرپشن و ڪميشن جا بيشمار ماهر ضرور ڏنا ويا آھن.هتي نه ڪو ماهر اقتصاديات آھي.نه ڪو ماهر سائنسدان.فلسفي يا بين الاقوامي سطح جو ڪو ليڊر(هتي ته ڪنهن کي ڪملو يا آيت به پڙھڻ نٿي اچي مگر سڏجن ٿا وري اسلامي جهوريا پاڪستان جا ليڊر) ڪجه به نه..ڇو؟ڇاڪاڻ ته عوام کي سدائين علم کان ڏور رکيو ويو ۽ ڏور به ان ڪري رکيو ويو ته جيئن اهي ڪڏھن به نه ڄاڻي سگهن ته اصل ۾ ڪهڙي قوت کين تي حڪمراني ڪندي پئي اچي.
علم جي روشني کي روڪڻ جي لاء “مطالعي پاڪستان“جو ڄار وڇايو ويو.“اسلاميات لازمي“قرار ڏني وئي.ڪڏھن افغانستان.ته ڪڏھن ڪشمير.ڪڏھن بوسينا ۽ ڪڏھن جنگ هند جي نالي تي جهاد جون فيڪٽريون هنيون ويون ۽ انهن فيڪٽرين کي پنهنجن ذاتي مفادن جي لاء استعمال ڪندا رهيا.فرقن کي پاڻ ۾ ويڙھائڻ جو سندون ڏنيون ويون.سياست کي پنهنجي لونڊي بڻائي ڪري رکيو ۽ ھر ڪنهن کي مذھب جو هاء ڊوز نشو ڏنو ويو ته جيئن اهي غفلت ۾ رهيا پيا هجن.
ان سموري ڪچري جو نتيجو اهو نڪتو ته اڄ ڪامرس.ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ ۾َ شاگردن جي لاء اسلاميات لازمي آھي.مذھب کي پروفيشنل تعليم ۾ زبردستي شامل ڪرڻ جو مقصد صرف اهو آھي ته سوال جو رستو روڪيو وڃي ۽ ماڻھو“ڄاڻڻ“جي بجاء“مڃڻ“تي يقين رکن.رياست تي قبضي خورن جي لاء اهوئي هڪ بهترين فارمولو آھي.جنهن کي هنن سدائين کان استعمال پئي ڪيو آھي.
اڄ پاڪستان جي اڪثريت دولي شاه جا ڪوئا بڻجي ڪري رهجي وئي آھي.انهن کي عقيدن ۽ روايتن سان ته ڏاڍو عشق آھي.مگر علم و تحقيق کان الرجي آھي.انهن ڪوئن کي مختلف شين جي لاء استعمال ڪيو وڃي ٿو.ليڪن انهن ڪوئن جو ابتڙ ھن ڳاله تي غرور آھي ته پاڪسان نالي ليبارٽري جا ڪوئا آھن.جين جناح ڪنهن موقعي تي اسلام کي ليبارٽري سڏيو هو.
جيڪو شاگرد نصاب ۾ اهو پڙھندو هجي ته اقتدار اعلي خدا وٽ آھي ۽ ملڪ جو حاڪم خدا جي مرضي سان بڻجي ٿو(جيئن هن وقت زرداري ۽ شھباز شريف خدا جي مرضي سان آيل آھن).
اسان جا تعليمي ادارا ۽ نصاب ڪريٽيڪل ٿنڪنڪ کان ڪوهين ڏور آھن.انٽرنيٽ کان ته نوجوانن جي معلومات تيزي سان وڌي رهي آھي.ليڪن غور و فڪر جي صلاحيت محدود آھي.
اسان جا نوجوان جنهن چمڪندڙ شيء کي سون سمجهي ڪري پٺيان ڊوڙين ٿا.اهو سندن شيطاني خواب ئي هوندو آھي.جنهن کي مسيحا سمجهن ٿا اهوئي رهزنن جو رهزن نڪري ٿو.اسان اها بدقسمت قوم آھيون.جيڪا مذھب جيان پنهنجي سياست کي به بدبودار ڪري چڪي آھي.اڳ ۾ فقط مذھبي ۽ علائقائي تعصب هو.هينئر سياسي پولارائيزيشن به اوج تي آھي.
جتي علم جو فقدان.تاريخ کان اڻواقف ۽ شعور کان لاتعلق معاشرو هوندو اتي يقينن سو سيڪڙو افراتفري هوندي ۽ اها افراتفري خاص گروهن کي طاقت بخشي ٿي.؛؛؛
پي ٽي آءِ جو احتجاج روڪڻ لاءِ درخواست تي آءِ جي،گهرو وزير ۽ ٻيا طلب
پي ٽي آءِ جو 24 نومبر واري احتجاج لاءِ جهادي اسڪواڊ تيار
ڪارڪنن جي گرفتارين تي حڪومت جي بي حسي واضح آهي: سيف
آئيني بئنچ ، مراد علي شاهه جي نااهلي واري درخواست رد
ڊالر 278 رپيا ٿي ويو،ايڪسچينج ۾ هاڪاري رجحان
وي پي اين استعمال ڪندڙن کي پڪڙڻ آسان نه هوندو: سجاد مصطفيٰ
سموري دنيا ۾ مهاڻن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي
بي آءِ ايس پي جي وظيفي مان ڪٽوتي ڪندڙ 2 ڊوائيس هولڊر گرفتار
گوتم اڏاڻي تي نيويارڪ جي عدالت پاران فرد جرم لاڳو
اڳوڻو ٽيسٽ ڪرڪيٽر محمد نذير جونيئر لاڏاڻو ڪري ويو
سارين جي امدادي اگهه ۾ اضافي جو مطالبو
سنڌيار سکر 21 نومبر 2024ع
سنڌيار ڪراچي 21 نومبر 2024ع
راولپنڊي پوليس عمران خان جي نئين ڪيس ۾ گرفتاري ڄاڻائي ڇڏي
عزه ۾ جنگبندي جو ٺهراءُ چوٿون ڀيرو آمريڪا ويٽو ڪري ڇڏيو
چوپائي مال ۽ ماهيگيرن لاءِ انقلابي منصوبن تي ڪم ڪنداسين: ملڪاڻي
وفاقي حڪومت سان اختلافن جي نبيري لاءِ پي پي پاران ڪميٽي قائم
عوام کي پيئڻ جو صاف پاڻي ۽ سستي بجلي فراهم ڪرڻ ترجيح آهي
توشه خانه ٽو ڪيس ۾ عمران خان جي ضمانت منظور
سنڌ پوليس لاءِ جديد هٿيار خريد ڪرڻ جو آرڊر ڏنو آهي: لنجار