اناج اپائيندڙ ھاريءَ سان ظلم

طارق راڄپر
ھاري جيڪو ڏينھن رات ھڪ ڪري ھر ھلائي، ٻني کيڙي، پاڻيءَ جا وارا وھي ڪري زمين کي اڃارو نہ رھڻ ڏئي، مھانگا ڦوھارا استعمال ڪري زمين کي صاف سٿرو بڻائي، مھانگا يوريا، ڊي اي پي جھڙا ٻج ڇٽي ڪري زمين کي سگھارو بڻائي، پنھنجو رت ست، پگھر ڏئي ڪري گذر سفر لاءِ ٻني کيڙي پوکي ڪري ٿو. اھو ھاري جيڪو ننڊون ڦٽائي ٻنيءَ جي سار سنڀار لھي ٿو، اھو ئي فائدي جي بدران نقصان ۾ وڃي ٿو، خوشحال ٿيڻ جي بدران لکين رپين جو قرضي ٿيو وڃي ٿو. ڪڻڪ، ووئنڻ، ساريون، ڪمند، مڪائي، ٽماٽا، بصر، مرچ ۽ ٻيا فصل سنڌ جي سرزمين تي پوکيا وڃن ٿا. پر سنڌ جي ھاريءَ لاءِ ڪا بہ سھولت ناھي. جيئن تہ پاڪستان ھڪ زرعي ملڪ آھي، جنھن جي 48% سيڪڙو آبادي زراعت سان لاڳاپيل آھي. خوش قسمتيءَ جي اھا ڳالھ آھي تہ پاڪستان ۾ چار ئي موسمون ٿين ٿيون. جنھن جي مدد سان سٺا فصل ٿين ٿا ۽ پيداوار بہ فائديمند يعني جھجھي ٿئي ٿي. پاڪستان کي آزاد ٿيندي ستر سالن کان وڌيڪ عرصو ٿيو آھي، تنھن جي باوجود بہ زراعت، صحت، ٽيڪنالاجي، تعليم ۽ ٻين ڪيترن ئي شعبن ۾ خاص ترقي ۽ بھتري نہ آئي آھي. بيروزگاري وڌندي پئي وڃي ۽ مھنگائي آسمان سان لڳي رھي آھي. ھاري ويچارا حقن جي لتاڙ ھئڻ ڪري، حڪومت طرفان صحيح فصل جا اگھ نہ مقرر ڪرڻ تي خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آھن. ڪمند جو اگھ ڪاٺين جي اگھ کان بہ گھٽ مقرر ڪيو وڃي ٿو. سارين سان، ڪڻڪ سان، وَنئُڻن جي فصلن سان بہ ساڳي حالت آھي. اگھ گھٽ ھئڻ جي ڪري جيڪو زميندارن ۽ ھارين سان ٿيندڙ نقصان جو ازالو ڪير ڪندو؟ حڪومت ڪندي! نہ ڪو، حڪومت پاڻ ئي تہ اگھن کي لاھي، ھارين کي نقصان ۾ وجھي پئي. جڏھن تہ فصل جي پويان خرچي جو ڪو ڪاٿو ئي ناھي. ڪلر جو خرچو، ٿريشر جو خرچو، ڦوھارن جو خرچو، پاڻيءَ جو خرچو، ٽريڪٽرن جا خرچ، مزدورن جي مزدوريءَ جو خرچ ۽ ٻيا ڪيترائي خرچ آھن. ۽ فصل جو اگهه لھڻ کانپوء نہ جي برابر مقرر ڪيو وڃي ٿو. زميندار بہ ھارين کي ٻن ايڪڙن خاطر سڄو ڏينھن لوڙائن ٿا. ھن سال بہ ڪڻڪ ۽ ونئڻن جي اگھ گھٽ ھئڻ جي ڪري ھارين کي وڏي دردناڪ ڪهاڻيءَ کي منھن ڏيئڻو پيو. سارين جي فصل جو بہ ڏينھون ڏينھن لاٿ کائي رھيو آھي. بدقسمتيءَ سان مھينن جي محنتن باوجود ھاريءَ کي سواءِ ڏکن، تڪليفن، ۽ قرضن کانسواءِ ٻيو ڪجھ بہ نہ ملي ٿو. ھاري ھن ٽيڪنالاجيءَ ۽ جديد دؤر ۾ بہ اٽي جي چڪيءَ جيان پيسجي رھيو آھي. سندن جي احتجاجن ۽ آوازن جو ڪو بہ داد فرياد ناھي ٿي سگھيو. ھاريءَ جي محنت سان ئي ملڪ ۾ خوشحالي ٿئي ٿي، وڻج واپار ٿئي ٿو. سنڌ جو اخبارون ھارين سان ٿيندڙ ظلم، زيادتين ۽ ناانصافين سان ڀريون پيون آھن.

ڪمند سستو، کنڊ مھانگي،
ڪڻڪ سستي، اٽو مھانگو،
ڪپھ سستي، ڪپڙا مھانگا۔
ساري سستي، چانور مھانگا
ھاريء جي ھر شيء سستي
۽ صنعتڪار جي ھر شيء مھانگي.

وڏي افسوس جي ڳالھ اھا آھي تہ ھن دفعي پاڻيءَ جي کوٽ پڻ ٻڌائي پئي وڃي. ۽ خبردار ڪيو پيو وڃي تہ پاڻيءَ جي کوٽ کي ڏسندي فصل ڪاھيو. پاڻيءَ جي کوٽ ٿئي تڏھن بہ ھاريءَ لاءِ پريشاني، يوريا، ڊي اي پي ڪلر نہ ملي، يا نقلي ملي، يا بلئڪ اگھ تي ملي، يا مدي خارج ٿيل ملي، ۽ ٻج نہ ملن تڏھن بہ ھاريءَ لاءِ پريشاني. زميندار پڻ ڪلر، ٻجن، ڀاڻن تي ٻہ رپيا وڌيڪ رکي ھارين کي ڏين ٿا. مطلب تہ ھارپو سک، چين، شانتي ھجڻ جي بدران پريشانيءَ جو سبب بڻجي ويو آھي. ۽ ان کي پريشاني بڻائڻ ۾ حڪومت جي غلط پاليسين جو اھم ڪردار آھي. جڏھن فصل لھڻ وارو ٿيندو آھي، تہ ٻاھرين ملڪن مان ڪڻڪ، ۽ کنڊ گھرائي، ھٿ سان اگھن کي ڪيرايو ويندو آھي. ھاريءَ جي پٽ کي ھاري ٿيڻ جي طنز ڪئي ويندي آھي. ھاري ٿيڻ ڪا معمولي ڳالھ ناھي، پر پاڪستان ۾ ھاري جي ڪا بہ حيثيت ناھي، نہ ئي ھاري کي اڳتي وڌڻ ڏنو ويو آھي. ھاريءَ جو پٽ پڙھي ڪري ڪميشن تائين پھچي بہ صحيح پر نوڪريءَ جي آرڊر وٺڻ لاءِ چاليھ لک ڪٿان آڻي. اسان جي ملڪ ۾ ميرٽ بہ ماشاءالله آھي. نہ ھاريءَ جي لاءِ ڪا سھولت آھي نہ ئي سندس اولاد جي لاءِ. حڪومت کي زراعت جي لاءِ بھتر قدم کڻڻ گهرجن. فصلن جو سٺو اگھ مقرر ڪيو وڃي، جيئن ھاري قرض مان نجات حاصل ڪري، سٺو فائدو حاصل ڪري سگهي. سندس جي ٻجن، ڀاڻن، ڪلرن، ۽ زراعت سان لاڳاپيل شين کي سستو ڪيو وڃي. ھارين جي لاءِ ھاري ڪارڊ ۽ ٻين سھولتون ڏيڻ لاءِ سوچيو وڃي. ھارين جي ڪم ۾ ايندڙ شين تان ٽئڪس گھٽايا نہ پر ختم ڪيا وڃن. حڪومت کي ھارين سان مڪمل سهڪار ۽ تعاون ڪرڻ گھرجي. ھارين جي زراعت کي پريشاني بڻائڻ جي بجاءِ انھن جي لاءِ زراعت ۾ خوشحاليءَ جو دور آندو وڃي. خدارا! سارين، ڪڻڪ، وونئڻن جي فصلن جا اگھ وڌائي ھارين ۽ زميندارن جي محنتن جو قدر ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو