انتها پسندي کي روڪڻ لاءِ لطيف جو پيغام عام ڪرڻو پوندو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)انتها پسندي کي روڪڻ لاءِ امن، سهپ، رواداري ۽ محبت جو جيڪو درس ڀٽائي ڏنو اڄ ان کي عام ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهڙو اظهار گادي واري شهر ۾ منعقد ٻارن جي شاه عبدالطيف ميلي ۾ مقررن پنهنجي تقريرن ۾ ڪيو. مقررن زور ڀريو ته لطيف شناسي کي باقائده هڪ علم جو درجو ڏيڻ جي ضرورت آهي. سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري طرفان اڪيڊمي ادبيات ۾ ملهايل هڪ ڏينهن جي ميلي ۾ ٻارڙن ۽ فيمليز جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. ميلي ۾ ميجڪ شو ۽ پتلي تماشو به پيش ڪيو ويو. ٻارڙن شاهه عبدالطيف جي شاعري بابت سنڌي انگريزي، پشتو، بلوچي، پنجابي سرائڪي ۾ شاه لطيف جي فن ۽ فڪر تي روشني وڌي. تقريب جو خاص مهمان سينيٽ جو ڊپٽي چئيرمين سيدال خان تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته شاه عبدالطيف خطي جو عظيم شاعر هو جنهن هر موضوع تي شاعري ڪئي سندس پيغام انسانيت سان محبت جو آهي، جنهن کي سموري دنيا تائين پکيڙڻ جي ضرورت آهي ٻارن ذريعي سمورين ٻولين ۾ شاه لطيف جي شاعري پڙهي هڪ بهتر روايت جو بنياد وڌو ويو آهي. جنهن سان محبتن کي فروغ ملندو . سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري جي چئيرمين ڊاڪٽر اسحاق سميجو چيو ته ٻارن ذريعي شاه لطيف جو پيغام سموري ملڪ تائين پکيڙڻ لاءِ هن پروگرام جي روايت وڌي وئي آهي اسلام آباد ۾ سموريون ٻوليون ڳالهائيندڙن جي ميلي ۾ دلچسپي اسان جو حوصلو وڌيو آهي اهو سلسلو جاري رکيو ويندو . نالي واري دانشور ۽ ليکڪ نصير ميمڻ چيو ته اسان وٽ شاه لطيف بابت ميلا لڳائي ميڊيا تي رڳو ڪجهه سيڪنڊن جو خبرون ٿيون هلن، شاه صاحب جو عرس ملهايو پيو وڃي، گورنر چادر چاڙهي ٿو پر لطيف جي شاعري ۽ پيغام تي نٿو ڳالهايو وڃي. هن چيو ته جيڪڏهن ملڪ ۾ امن قائم ڪرڻو آهي ته شاه لطيف بابا بلهي شاه , رحمان بابا سميت سمورن شاعرن جي شاعري جي پيغام کي رياستي سرپرستي ۾ عام ڪرڻو پوندو تڏهن ئي شدت پسندي ۽ انتها پسندي کي روڪي سگهبو. اڪيڊمي ادبيات جي چئيرپرسن ڊاڪٽر نجيبه عارف چيو ته سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙ پنهنجي ثقافت ,ٻولي ۽ پنهجن شاعرن سان بي پناه پيار ڪندڙ آهن جيڪا ڳالھه کين ممتاز بڻائي ٿي. شاهه لطيف رڳو سنڌ نه پوري عالم جو شاعر آهي سندس امن آشتي ۽ محبتن جي پيغام کي نئين نسل تائين پهچائڻ ۾ هن قسم جا پروگرام مددگار ثابت ٿيندا اهو سلسلو جاري رهڻ گهرجي. ڊاڪٽر سحر گل، شاه عبدالطيف جي شاعري تي مقالو پڙهيو سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري جي سيڪريٽري احسان دانش آيلن کي ڀليڪار ڪئي. ٻارن جي شاهه لطيف ميلي ۾ رفيق فقير جونئير، سهراب فقير گروپ ۽ مخلتف ٻارڙن جي گروپس پاران فن جو مظاهرو ڪيو ويو. اهڙي ريت رات دير تائين اڪيڊمي ادبيات ۾ شاهه عبدالطيف جي شاعري جا سر گونجندا رهيا. شاعري پڙهندڙ ۽ تقريري مقابلي ۾ حصو وٺندڙ ٻارڙن کي ايوارڊ ۽ انعام به ڏنا ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو