اسلام آباد (رپورٽ اياز مهر) وزير اعظم شهباز شريف انساني اسمگلنگ ۾ ملوث جوابدارن خلاف سستي ڏيکاريندڙ آفيسرن خلاف ڪاروائي جو حڪم ڏنو آهي. اهڙو حڪم هن خصوصي طور سڏايل اجلاس کي خطاب دوران ڏنو. هن تازو يونان ۾ ٻيڙي ٻڏڻ سبب 40 پاڪستانين جي فوت ٿيڻ جو ذڪر ڪندي چيو ته ڪجهه سالن کان اهڙا واقعا نموداري ٿي رهيا آهن جيڪي عالمي سطح تي ملڪ جي بدنامي جو سبب بڻجن ٿا. هن چيو ته انساني اسمگلنگ ۾ ملوث ماڻهو ڪنهن رعايت جا مستحق نه آهن، انه خلاف ڀرپور ڪاروائي ڪئي وڃي. هن وڌيڪ چيو ته ايف آءِ اي جا جيڪي آفيسر ذميوار آهن انهن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي. ياد رهي ته جون 2023 ۾ به هڪ ٻيڙي يونان م ٻڏي وئي هئي جنهن ۾ 209 پاڪستاني شامل هئا. گذريل سال اپريل ۾ مغربي لبيا جي سمنڊ ۾ هڪ ٻيڙي ٻڏي هئي جڏهن ته ساڳئي سال فيبروري ۾ اٽلي لڳ سمنڊ ۾ ٻيڙي ٻڏي هئي جنهن ۾ 59 پاڪستاني سوار هئا. ايف آءِ اي وارن تازي يونان واري واقعي بعد جاري ڪيل بيان ۾ چيو هو ته ٻن ايف آءِ اي آفيسرن ۽ ٽن اسمگلرن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. وزيراعظم چيو ته لڳاتار اهڙا واقعا ٿين ٿا پر پاڪستاني اختياريون ڪاروائي ۾ سستي ڪن ٿيون، جوابدارن خلاف سخت ڪاروائي ٿئي جيئن ڪو جرئت نه ڪري سگهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته واسطيدار کاتن جو پاڻ ۾ تعاون وڌايو وڃي، معلومات شيئر ڪئي وڃي ۽ ڪاروائي لاءِ موثر حڪمت عملي جوڙي وڃي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ڪيسن جي پيروي تيز ڪئي وڃي ۽ جوابدارن کي سزا ڏياري وڃي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته تازي واقعي ۾ گجرانولا، گرات، سيالڪوٽ ۽ منڊي بهاوالدين جا ماڻهو متاثرين ۾ شامل آهن.
پوليو ٽيم تي حملي ۾ ملوث 6 جوابدارن جي ضمانت منظور
جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس جا 2 جوابدار اڊيالا جيل منتقل
پي ٽي آءِ قيدين کي ڏنل سزائون انصاف جي اصولن جي خلاف آهن
مدرسن رجسٽريشن بابت اتحاد تنظيم مدرسن جا مطالبا منظور
آفيسر کي ترقي نه ڏيڻ جو فيصلو ڪالعدم،غور جي هدايت
راجگال ۾ فتنا خوارج جي دراندازي ناڪام، 4 خارجي مارجي ويا
انسانيت جي دشمنن جي ناپاڪ ارادن کي خاڪ ۾ ملائينداسين
بلوچستان، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 48 ٽريفڪ حادثا
باصلاحيت نوجوانن کي 50 هزار نوڪريون به نه پيون ملن
47 سيڪڙو ٽيڪس عوام جي مفادن تي خرچ ٿيندو نظر نٿو اچي، سروي
پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ ٽيون ۽ آخري ون ڊي ميچ سڀاڻي ٿيندو
ڀارت مان اسلام آباد پهچندڙ فرانسيسي شهري وٽان منشيات هٿ
ڪاميڊي نائٽس ود ڪپل ۾ ڪم ڪرڻ زندگي جي وڏي غلطي هئي
9 مئي سانحي ۾ ملوث 25 ڏوهارين کي 10 سال قيد بامشقت سزا
بشرا بي بي جي 32 ڪيسن ۾ عبوري ضمانت منظور
ڪرم ۾ بنڪر ڪيرائڻ ۽ هٿيار جمع بعد رستا کوليا ويندا: سيف
جڊيشل ڪميشن جي اجلاس کان اڳ جسٽس منصور جو ٻيو خط
سرجاني ۾ پوليو ورڪر جي سامهون ننگي حالت ۾ ايندڙ شخص گرفتار
يمن مان حوثين جو تل ابيب تي ميزائل حملو، 16 ڄڻا زخمي
سنڌيار ڪراچي 21 ڊسمبر 2024ع