انساني اسمگلنگ ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي جو حڪم

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف انساني اسمگلنگ ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف سخت ڪارروائي جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو جنهن ۾ يونان ٻيڙي حادثي جي معاملي تي ڳالهيون ڪيون ويون. شهباز شريف چيو ته گذريل سال يونان ٻيڙي حادثي کان پوءِ ٻيهر ائين ٿيڻ افسوسناڪ عمل آهي. 2023 ۾ يونان ٻيڙي حادثي ۾ 272 پاڪستاني فوت ٿي ويا هئا ۽ انساني اسمگلنگ پاڪستان جي لاءِ سڄي دنيا ۾ بدنامي جو سبب بڻجي ٿو.هن چيو ته ٻيڙي ۾ غيرقانوني سفر کي روڪڻ جي لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، سستي سان کنيل قدمن جي ڪري واقعو ٻيهر ٿيڻ فڪر جوڳو عمل آهي.وزيراعظم شهباز شريف انساني اسمگلنگ ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف سخت ڪارروائي جي هدايت ڪندي سڄي دنيا ۾ اهڙن واقعن ۾ ملوث پاڪستانين بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي. انساني اسمگلنگ جي روڪٿام بابت قدمن تي وزيراعظم شهباز شريف کي بريفنگ به ڏني وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو