انسٽاگرام تي بليڪ ميل ٿيڻ کان بچڻ جو طريقو ڄاڻو

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ)ميٽا نوجوانن جي تحفظ لاءِ فوٽو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام ۾ نوان ٽولز متعارف ڪرايا آهن، ٽولز جو مقصد نوجوانن کي بليڪ ميل ٿيڻ کان بچائڻو آهي. ڪمپني موجب، هاڻ شڪي اڪائونٽس طرفان انسٽاگرام ۾ نوجوانن کي نشانو بڻائڻ مشڪل بڻايو پيو وڃي. ڪمپني طرفان شڪي اڪائونٽس طرفان فالووريڪوئسٽس کي اسپام فولڊز ۾ موڪليو ويندو يا مڪمل طور بلاڪ ڪيو ويندو. انسٽاگرام ۾ هڪ الرٽ جي آزمائش به ڪئي پئي وڃي جيڪو نوجوانن کي ڪنهن اهڙي شڪي اڪائونٽ تان موصول ٿيندڙ پيغام جي حوالي سان خبردار ڪندي ٻڌائيندو ته اِهو پيغام ڪنهن ٻئي ملڪ مان اُماڻيو ويو آهي. اهڙي ريت جيڪڏهن ڪو شڪي اڪائونٽ پهريان کان ڪنهن نوجوان کي فالو ڪري رهيو هوندو ته نوجوان جي فالوورز لسٽس ۽ پوسٽس ۾ کيس ٽيگ ڪندڙ اڪائونٽس کي ڏسڻ کان روڪيو ويندو. ميٽا طرفان اِهو ته ناهي ٻڌايو ويو ته شڪي اڪائونٽس جو تعين ڪئين ڪيو ويندو . پر ڪمپني جي ترجمان موجب، مختلف اشارن جهڙوڪ اڪائونٽ جي مالڪ واهپيدار جي عمر ۽ گڏيل دوستن وغيرا کي نظر ۾ رکي ڪيو ويندو. ميٽا طرفان سڌي ريت پيغامن ( ڊي ايم) تي موڪليل تصويرن جا اسڪرين شاٽ وٺڻ جي اجازت نه ڏني ويندي ۽ تصويرون انسٽاگرام جي ويب ورزن تي اوپن نه ٿي سگهنديون. ميٽا کي هن وقت نوجوانن واهپيدارن جي پرائيويسي جي حوالي سان تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي، انڪري ڪمپني طرفان نوان ٽولز متعارف ڪرايا ويا آهن. واضح رهي ته آمريڪا جي ٽيهه کان وڌيڪ رياستن طرفان هڪ ڪيس داخل ڪيو ويو هو جنهن ۾ چيو ويو هو ته

پهنجو تبصرو موڪليو