نيويارڪ(ويب ڊيسڪ)ميٽا پاران فيسبڪ ۽ انسٽاگرام ۾ 2024ع جي پهرين وڏي تبديلي ڪئي وئي آهي. ڪمپني پاران فيسبڪ ۽ انسٽاگرام جي نوجوان واهپيدارن جي تحفظ لاءِ نوان ٽولز متعارف ڪرايا ويا آهن. فيسبڪ ۽ انسٽاگرام جي سرپرست ڪمپني هڪ بلاگ پوسٽ ۾ ٻڌايو ته نوجوانن جي تحفظ لاءِ نيون پاليسيون لاڳو ڪيون پيون وڃن. نئين پاليسين تحت 18 سالن کان گھٽ عمر جي واهپيدارن لاءِ آپگهات، پاڻ کي نقصان پهچائڻ ۽ ايٽنگ ڊس آرڊرز (eating disorders) جهڙي حساس مواد تائين سرچ ۽ ايڪسپلور جهڙن فيچرز ذريعي پهچ وڌيڪ ڏکي ٿي ويندي. ڪمپني جو چوڻ هو ته سمورن نوجوانن جي فيسبڪ ۽ انسٽاگرام اڪائونٽس جي سيٽنگز کي تبديل ڪري حساس مواد تائين پهچ کي ڏکيو بڻايو ويندو. ڪمپني پاران چيو ويو آهي ته اسان چاهيون ٿا ته نوجوانن کي اسان جي ايپس ۾ محفوظ ۽ سندن عمر موجب مناسب مواد ملي، ان ڪري اسان ننڍي عمر ج واهپيدارن کي اضافي تحفظ فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪري رهيا آهيون. بلاگ پوسٽ موجب جيڪڏهن ننڍي عمر جو واهپيدار اهڙي اڪائونٽ کي فالو ڪندو جيڪو حساس موضوع تي پوسٽنگ ڪندو هجي ته اهي پوسٽون ان نوجوان جي فيڊ تي نظر نه اينديون. انهن قدمن تي عملدارآمد ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ ڪئي ويندي. ڪمپني پاران اهي قدم ان ڪري کنيا پيا وڃن جڏهن ان کي مختلف ملڪن پاران تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.
سياست جو حقيقي مفهوم ۽ اسان جي ملڪ جي سياست
سنڌيار سکر 19 سيپٽمبر 2024ع
سنڌيار ڪراچي 19 سيپٽمبر 2024ع
فوڊ اٿارٽي جون ڪاروايون،466 ڇاپن دوران دڪان،بيڪريون سيل ،ڏنڊ
نمبر پليٽس جي لاءِ آن لائن ٻولي ڏيڻ وارو عمل جلد شروع ڪيو ويندو
بلاول سان پ پ لائرز فورم جي ملاقات،آئيني ترميمن بابت بحث
آئيني ترميم تي حڪومت جو تيار ڪيل مسودو مڪمل طور تي رد ڪيو
190 ملين پائونڊ ڪيس، ٽرائل ڪورٽ کي حتمي فيصلو نه ٻڌائڻ جو حڪم
جي يو آءِ انٽرا پارٽي ڪيس، 2 مهينن جو وقت گهرڻ تي فيصلو محفوظ
سي ٽي ڊي مقابلو، 3 دهشتگرد پنهنجن ساٿين جي فائرنگ ۾ مارجي ويا
جماعت اسلامي پاران 50 رپيا في لٽر پيٽرول گهٽ ڪرڻ جي گهر
واهي پانڌي ۾ ٻن ڌرين جي فائرنگ، عورت قتل، لاش رکي ڌرڻو
آرمي چيف ۽ ججز جي ملازمت واري مدي ۾ واڌ نه ٿيڻ گهرجي
سينيٽ مڪمل ناهي، ترميمون ڪيئن منظور ٿينديون؟ خان
ڪراچي جي روڊن جي مرمت لاءِ اڍائي ارب رپين جي منظوري
سيڪيورٽي مسئلو آهي ته ڪراچي ۾ جلسن تي پابندي لڳايو
لاهور جلسي جون تياريون جاري آهن: گنڊاپور
پنجاب واسين سان دوکو،سنگل فيز ميٽر وارن کي بجلي رعايت ملڻ لڳي
پاڪستاني بيلسٽڪ ميزائل پروگرام جي حمايت نه ڪنداسين: آمريڪا
ايڪسچينج ۾ تيزي، انڊيڪس ۾ 542 پوائنٽس جو اضافو