انٽرنيشنل ڪرڪيٽ بحال ٿيڻ تي خوشي آهي,وسيم خان

لاهور(ويب ڊيسڪ) پي سي بي جي چيف ايگزيڪٽو وسيم خان چيو آهي ته ڏکڻ آفريقا سان سيريز بعد انٽرنيشنل ڪرڪيٽ بحال ٿيڻ تي خوشي آهي، هي انتهائي يادگار موقعو آهي لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پي سي بي جي چيف ايگيڪٽو وسيم خان چيو آهي ته ڪووڊ باوجود ڊوميسٽڪ ميچز کانپوءِ هوم سيريز ٿيڻ سان پاڪستان جي نيڪ نامي ۾ ڪافي اضافو ٿيندو، هن وقت تائين مجموعي طور تي هوم سيريز ٿيڻ سان پاڪستان جي نيڪ نامي ۾ ڪافي اضافو ٿيندو، هن وقت تائين مجموعي طور تي اسان چار هزار جي ويجهو ڪووڊ ٽيسٽ ڪرائي چڪا آهيون.وسيم خان موجب ٿيندي رهندي آهي، ٽيم نه کٽيو ته ٻين وانگي اسان کي به ڏک ٿيندو آهي، اسان ڪرڪيٽ جي بهتري لاءِ پنهنجو ڪم ڪري رهيا آهيون، ٿورو وقت ضرور لڳندو، پي ايس ايل فرنچائيز سان به اشوز ختم ٿي رهيا آهن.وسيم خان موجب بورڊ سان اختيارن جي معاملي تي ڪو به اشو ناهي، ڪلب ڪرڪيٽ جي حوالي سان ڪجهه ڏينهن ۾ اڳڀرائي نظر ايندي

پهنجو تبصرو موڪليو