انٽرنيٽ سست ڪرڻ واري پاليسي ناهي: چيئرمين پي ٽي اي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) جي چيئرمين حفيظ الرحمان جو چوڻ آهي ته انٽرنيٽ کي سست ڪرڻ جي ڪا به پاليسي ناهي.سينيٽ جي آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس سينيٽر پلوشا خان جي صدارت هيٺ ٿيو.اجلاس دوران ڳالهائيندي ڪميٽي جي چيئرمين پلوشا خان چيو ته جي آءِ ٽي وزارت جيڪي به قدم کنيا آهن ان جي ذميواري گهرو وزارت تي آهي، سمجهه ۾ نٿو اچي ته اسان وٽ جي آءِ ٽي وزارت ڇو آهي.آئي ٽي واري وزارت جي عملدارن چيو ته هو ڪوشش ڪري رهيا آهن ته آءِ ٽي انڊسٽري تي اثر انداز ٿئي جڏهن ته قومي سلامتي جون گهرجون پوريون ڪيون وڃن.پي ٽي اي جي چيئرمين چيو ته پهرين جنوري کان وي پي اين جو لائسنس ڏيڻ شروع ڪندا جنهن سان مسئلو حل ٿي ويندو، وي پي اين سبب انٽرنيٽ سست نه ٿيندي.ڪميٽي ميمبرن خدشن جو اظهار ڪندي چيو ته انٽرنيٽ عام طور تي سست آهي.سينيٽر افنان الله خان چيو ته فائر وال سبب انٽرنيٽ سست ٿي سگهي ٿي.سيڪريٽري آءِ ٽي چيو ته آءِ ٽي انڊسٽري مان سست انٽرنيٽ جون شڪايتون مليون آهن، قومي سلامتي جي صورت ۾ انٽرنيٽ سروس بند ڪئي پئي وڃي.سينيٽر ڪامران سوال ڪيو ته ڇا قومي سلامتي رڳو پاڪستان جو مسئلو آهي، ڇا ڀارت کي اهو مسئلو ناهي؟،سينيٽر انوشا رحمان چيو ته 2018ع ۾ اسان وي پي اين رجسٽرڊ ڪرايو پر انٽرنيٽ تي ڪو مسئلو ناهي، اسان وائيٽ لسٽ به ڪئي ۽ گري ٽريفڪ کي روڪڻ لاءِ قدم کنيا پر انٽرنيٽ متاثر نه ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو