انٽرنيٽ ڊيٽا هڪ هزار ڀيرا تيز موڪلڻ جي رٿا ۾ اهم اڳڀرائي

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) مغربي آسٽريليا ۾ ‘ليزر پاورڊ‘ پروجيڪٽ شروع ڪيو ويو آهي جنهن جو مقصد ليزر ذريعي سيٽلائيٽ کان زمين تائين ڪميونيڪشن بحال ڪرڻ آهي. جيڪڏهن هي منصوبو ڪامياب ٿي ويو ته انٽرنيٽ ديٽا ٽرانسفر جي اسپيڊ ۾ هڪ هزار ڀيرا اضافو ٿي ويندو. هن منصوبي هيٺ محققن اسٽريٽجڪ طور تي رکيل نيٽ ورڪ ۾ ٻن آپٽيڪل گرائونڊ اسٽيشنز تي ڪاميابيءَ سان جرمن سيٽلائيٽ مان ليزر سگنلز حاصل ڪيا آهن، محقق چون ٿا، ٽيرا نيٽ ‘TeraNet’ نالي هن رٿا جي سربراهي ايسٽروفوٽونڪس سائنسدان ساشا شيڊيوي يونيورسٽي آف ويسٽرن آسٽريليا جي طرفان ڪئي وئي آهي ۽ آسٽريليا جي اسپيس ايجنسي جي چنڊ کان مريخ واري ڊيمنسٽريٽر مشن مالي مدد فراهم ڪئي آهي. شيڊيوائي ٻڌايو ته 1957 ۾ اسپنٽڪ I جي شروعات کان وٺي، سيٽلائيٽ کان زمين تائين سگنل ريڊيو لهرن ذريعي اچي ٿو جنهن جي گهٽ فريڪوئنسي سگنل انهن جي ڊيٽا کي منتقل ڪرڻ جي صلاحيت کي محدود ڪري ٿو، ۽ تقريبا 70 سالن بعد اڄ جي جديد دور ۾ جتي ڊيٽا کي جلدي ٽرانسفر ڪرڻ ضروري آهي، ان لاءِ ريديو فريڪئنسي ناڪافي آهي. ” شيڊيوي چيو ته ڌرتيءَ جي چوڌاري ھزارين سيٽلائيٽس آهن جن جو ڊيٽا جو وڏو مقدار گڏ ڪيو پيو وڃي، جنھن کي واپس ھيٺ موڪليو وڃي ٿو. ان جو بهترين حل تيزي سان ليزر ڊيٽا ٽرانسفر ئي فراهم ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته “ڪميونيڪيشن لاءِ انفراريڊ ليزر بيمز تي سوئچ ڪرڻ سان، اسان کي 100، يا 1,000، ڀيرا وڌيڪ بينڊوڊٿ جو عنصر ملي ٿو.” هن اقرار ڪيو ته ليزر کي وڏو مسئلو ڪڪرن جي رڪاوٽ جو آهي. ان ڪري اسين في الحال ٻن شهرن ۾ اسٽيشن قائم ڪيون آهن جيڪڏهن هڪ جاءِ تي ڪڪر آهن ته ٻئي هنڌان آپريٽ ڪريون ۽ ٽئين استيشن اسين نيوزيلينڊ ۾ قائم ڪرڻ جو سوچيون پيا. هن جو مستقل حل گلوبل آپٽيڪل ڪميونيڪيشن نيت ورڪ کي فعال ڪرڻ ۾ آهي. اسين في الحال پهريون قدم کنيو آهي جنهن جا نتيجا حوصلا افزا آهن.
وڌيڪ تفصيل پڙهڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو

پهنجو تبصرو موڪليو