انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 277 رپيا 70 پئسا ٿي ويو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اڄ ڪاروبار جي شروعات تي انٽر بئنڪ ايڪسچينج ۾ آمريڪي ڊالر جي قيمت ۾ 9 پئسا گهٽتائي ٿي آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 9 پئسا سستو ٿيڻ بعد 277 رپيا 70 پئسا ٿي ويو.ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 277 رپيا 79 پيسا تي هو. ٻئي طرف پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ شروعات ۾ مثبت ڪاروباري رجحان ڏيکاريو ويو جيڪو بعد ۾ مخلوط رجحان ۾ تبديل ٿي ويو.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 53 پوائنٽن جي گهٽتائي سان 85 هزار 399 جي سطح تي اچي ويو.شيئر مارڪيٽ ۾ هن وقت تائين واپار دوران انڊيڪس 85 هزار 750 پوائنٽس جي بلند ترين سطح تي به پهچي ويو.ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي انڊيڪس 85 هزار 453 پوائنٽس تي بند ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو