انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 50 پئسا ٿي ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)انٽر بئنڪ ۾ اڄ ڪاروبار جي شروعات تي ڊالر 4 پئسا سستو ٿي ويو آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 4 پئسا سستو ٿي 278 رپيا 50 پئسا ٿي ويو.گذريل ڪاروباري هفتي جي آخر ۾ انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 54 پئسا مهانگو هو.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ ڪاروبار جي شروعات ۾ مثبت رجحان بعد ۾ منفي ٿي ويو.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 152 پوائنٽن جي گهٽتائي سان 78 هزار 335 جي سطح تي اچي ويو.انڊيڪس اڄ تائين ڪاروبار دوران 79 هزار 14 پوائنٽس جي بلند ترين سطح تي به پهچي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو